22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |سن: شهرين ايڪشن ڪميٽي پاران اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف ڌرڻو

سن ۾ شهرين ايڪشن ڪميٽي پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

اسپتال جي مک دروازي آڏو غلام نبي، سيد ظفر شاهه ۽ عبدالهه سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين دوائن ۽ ڊاڪٽر جي کوٽ سبب انچارج ڊاڪٽر نبي بخش کي هٽائڻ لاءِ ڌرڻو هنيو.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو سن ۽ ڀرپاسي جي عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ بنيادي صحت مرڪز ٺاهيو ويو، پر صحت مرڪز عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن.

هنن چيو ته صحت مرڪز ۾ عوام کي دوائن بدران رڳو مهانگي دوائن جي پرچي ملي ٿي، جڏهن ته لکين رپين کي مدو پورو ٿيڻ بعد سم نالن ۾ اڇليو وڃي ٿو.

سندن چوڻ هو ته سنڌ سرڪار صحت ڏيڻ بابت ڪيتريون ئي دعوائون ڪري ٿي، پر عوام کي ڪا به سهولت ميسر ناهي، اسپتالون اين جي اوز کي ڏيڻ باجود ڪا به بهتري نه اچي سگهي آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انچارچ اسپتال نبي بخش کي هٽائي سهولتون فراهم ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

External Affairs Minister Shah Mehmood Qureshi stopped the United States to attend the general assembly meeting

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-22

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ڀارت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے