19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |سامارو: ٻن ٻارن جي ماءُ واٽرڪورس ۾ ٻڏي فوت

ساماري ڀرسان ٻن ٻارن جي ماءُ واٽرڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي آهي.

ڳوٺ سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي ۾ گهرن ڀرسان ماءُ پنهنجي ٻن ٻارن کي وهنجاريندي واٽر ڪورس ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي وئي.

عورت کي واٽرڪورس مان ڪڍي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن عورت جي فوتگي بابت تصديق ڪئي.

فوتي عورت جي مڙس نواب سولنگي موجب سندس گهرواري کي سهڪي جي بيماري هئي،  ٻارن کي وارٽر ڪورس تي وهنجاري رهي هئي ته چڪر اچڻ سبب هوءَ واٽر ڪورس ۾ اونڌي منهن ڪري ٻڌي فوت ٿي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے