22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |چمبڙ: ٽائون ڪميٽي ۽ شاگردن پاران تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

چمبڙ ۾ ٽائون ڪميٽي ۽ شاگردن پاران تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

ٽائون چيئرمين جبران امين، طاهر حسين ۽ ٻين ڳوٺ ميانداد رند واسي شهيد فوجي جوان غلام عباس رند جي وارثن سان ملاقات ڪري شهيد جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي.

ٽائون چيئرمين جو چوڻ هو ته هو پاڪ فوج جي سمورن شهيد جوانن کي ڀيٽا ڏين ٿا، جن سردي توڙي گرمي ۾ ملڪي سلامتي لاءِ قربانيون ڏنيون.

هن چيو ته کين چمبڙ واسي شهيد جوان غلام عباس تي ناز آهي، جنهن تي وارثن سميت سڄو شهر مٿس ناز ڪري ٿو.

هوڏانهن سنڌي ، اردو ۽ گرلز پرائمري اسڪولن جو گڏيل پروگرام ڪرائي 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

تقريب ۾ استادن، شھرين ۽ صحافين سميت اسڪول جي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران شاگردن ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري شهيدن کي ڀيٽا ڏني.

پروگرام ۾ ٽاؤن ڪميٽي جي چيئرمين جبران امين لغاري، واپاري ايسوسيئشن جو صدر طاھر حسين صديقي، ايڊوڪيٽ عنايت حسين شاھ ۽ ڊي ايس پي لياقت درس سميت ٻين شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Khursheed Shah and other candidates have filed anti-election petitions

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-22

سکر: خورشيد شاهه ۽ ٻين پ پ اميدوارن جي ڪاميابي خلاف درخواستون داخل گمبٽ: قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے