19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |مورو: 2 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن آزاد ٿي گهر پهچي ويا

موري ۾ 2 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل مختلف سياسي ڪارڪنن آزاد گهر پهچي ويا آهن.

ٻه ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل عوامي تحريڪ جو غلام فريد ڪلهوڙو، ايس اين پي اڳواڻ بلاول ڏاهري، جسقم جو اقبال ڪلهوڙو ۽ ايس يو پي اڳواڻ ممتاز ڪوريجو آزاد  ٿي گهر پهتا.

پريس ڪلب تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن آزاد ٿيل سياسي ڪارڪنن کي گلن جا هار پارائي واڌايون ڏنيون.

کنڀي گم ڪيل سياسي اڳواڻن جو چوڻ هو ته کين رات وقت پوليس گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو هو.

ٻي پاسي سياسي پارٽين جي اڳواڻن چيو ته پرامن سياسي ڪارڪنن کي بنا جواز کنڀڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، اڃا تائين ڪيترائي سياسي سماجي ڪارڪن توڙي صحافي ۽ شهري گم آهن.

هنن چيو ته جيڪڏهن مٿن ڪو ڪيس آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪري سندن وارثن جي پريشاني ختم ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Strike by members of JSQM against water shortage

نيوز: ڌاٻيجي: جسقم جي پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال

*ڌاٻيجي  ۾ پاڻي جي کوٽ ۽  بجلي جي  بندش خلاف جسقم جي سڏ تي  ڪارڪنن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے