22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |سانگھڙ: وساڻ پاڙي واسين پاران مڪاني کاتي جي اختيارين خلاف احتجاجي ڌرڻو

سانگھڙ ۾ وساڻ پاڙي واسي بلديا جي بي ڌياني خلاف روڊن تي نڪري آيا.

شاهه زمان وساڻ جي اڳواڻي ۾ وساڻ پاڙي جي رهواسين پاڙي ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ تي بلديا خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.

رهواسين جو چوڻ هو ته سندن سڄو علائقو گندي پاڻي هيٺ آهي، هو بلديا جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن، پر سندن ڪير به نٿو ٻڌي.

هنن چيو ته پاڙي ۾ گندي پاڻي سبب رهواسي مخلتف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

رهواسين مطالبو ڪيو ته پاڙي ۾ صفائي سٿرائي جا جوڳا انتظام ڪري سندن پريشاني ختم ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | گهوٽڪي: مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

گهوٽڪي ۾ به مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. مرڪزي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے