23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |فريد آباد: ”ڪاڇي ۾ ڏڪار ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار“ جي سري هيٺ سيمينار

فريد آباد ۾ جي يو آءِ پاران ”ڪاڇي ۾ ڏڪار ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار“ جي سري هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو.

ڪوٺايل سيمينار ۾ سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن سميت صحافين توڙي شهرين شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي مولانا انور، مشتاق انقلابي ۽ ٻين چيو ته ڪاڇي ۾  8 سالن کان  برساتون نه پوڻ ۽ سنڌ سرڪار جي بي ڌياني سبب ڪاڇي ۾ ڏڪار واري صوتحال آھي.

هنن چيو ته کوهن جا جر سڪي ويا آھن، برساتون نه پوڻ سبب مال جو چارو به ختم ٿي ويو آھي، جنهن سبب ڪاڇي واسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت رڳو ٺلها اعلان ڪيا، پر رليف نه ڏنو.

سندن چوڻ هو ته ڪاڇو معدني وسيلن سان مالا مال آھي، پر  ڪاڇي واسي بنيادي سهولتن کان به محروم آهن .

سيمينار ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ٻين گڏيل راءِ سان گهر ڪئي ته هنگامي بنيادن تي ڪاڇي ٽيمون اماڻي رليف جو ڪم شروع ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے