25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |خانپور مهر: ڊيلرز ايسوسيئشن پاران زراعت کاتي خلاف شٽربند هڙتال

خانپور مهر ۾ ڊيلرز ايسوسيئشن پاران دڪانن تي ڇاپو هڻڻ تي زراعت کاتي جي عملدارن خلاف شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

پنج گلي چوڪ تي پناهه مهر، ماڌا رام، راجڪمار ۽ مهيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ٻين  زراعت کاتي جي عملدارن خلاف ڌرڻو هنيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڳاليهون ڪري ڊي جي حيدرآباد 3 رڪني ٽيم جوڙي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز شيخ نه هو، پر ان باوجود ڊاڪٽر شاهنواز شيخ زرعي دوائن جي دڪانن تي ڇاپا هڻي کين هيسايو.

هنن الزام هنيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهنواز کين ڪاروبار ڪرڻ نٿو ڏئي، کانئن ماهورا پيسا گهري رهيو آهيئ

هوڏانهن ڇاپي دوران  زرعي دوائن جي ڊيلرن ۽ زراعت کاتي جي ٽيم ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه لاءِ معاملو صوبائي صلاحڪار سردار محمد بخش مهر وٽ رکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے