21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |پٿورو: پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن احتجاج

پٿورو ڀرسان پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي نه پهچڻ سبب آبپاشي عملي خلا ف ٻئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ديدار حسين، ايڊووڪيٽ جان محمد ۽ عمر الدين سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سيعد ڪي شاخ جي آبادگارن پاڻي نه پهچڻ سبب آبپاشي عملي خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن الزام هنيو ته آبپاشي عملو ڳري رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب سندن زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي.

هنن چيو ته گذريل 10 سالن کان کين پيئڻ جو پاڻي به ناهي ملي رهيو، رهواسي جر جو زهريلو پاڻي واپرائي رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته پاڻي نه پهچڻ سبب هزارين خاندان لڏپلاڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ خالي ڪري ويا آهن، ٻن لکن جي آبادي متاثر ٿي آهي، پر سنڌ سرڪار اک ناهي پٽي.

آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي کپائيندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ميرپورماٿيلي:ماتمي جلوس ڪڍي امام حسين ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا ڏني وئي

ميرپورماٿيلي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا ڏيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے