20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |نوابشاهه: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سانگهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي

نواب شاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سانگهڙ واقعي ڪيس ۾ جوابدار پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سانگهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج عنايت الله ميمڻ  ڪيس جا جوابدار ايم پي اي خليفو وريام، غلام دستگير ۽ ڪاشف نظاماڻي سميت ٻيا پيش نه ٿيڻ ڪري ڪارروائي ملتوي ڪئي.

ٻڌڻي دوران گرفتار جوابدار دلبر، دادن نظاماڻي ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت کي ڪيس ۾ چارج فريم هئي، پر سڀ جوابدار حاضر نه هجڻ سبب نه ڪري سگهي.

هوڏانهن جوابدار ڪاشف نظاماڻي عدالت کي درخواست ڪئي ته کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، ان ڪري ڪيس مان نالو ڪڍيو وڃي.

عدالت درخواست جي ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تي رکي، جڏهن ته سانگهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيمپٽر تائين ملتوي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bakhshapur

نيوز | بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. بڊاڻي ڀرسان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے