26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٺٽو: مڪلي ڪئمپس ۾ بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

يوم دفاع جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس طرفان مڪلي ۾ بچاءُ واري ڏهاڙي تي تقريب ڪوٺائي وئي

6 سيپٽمبر 1965ع جي شھيدن کي پيش ڪرڻ لاءِ مڪلي ۾  شاندار تقريب ڪوٺائي وئي.

ڊي سي ٺٽو محمد نواز سوھو، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ٺٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر سرفراز حسين سولنگي، پاڪ آرمي جي ميجر شبير، ڊاڪٽر مختيار احمد مھر، فضا شاھ، شھريار ميمڻ، حفيظ زئنور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي دفاع ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو عظيم قربانيون ۽ شھادتون شامل آھن.

ھنن چيو  ته ڏکين حالتن ۾ پاڪ فوج جو خدمتون ساراهه جوڳيون آھن،

ان موقعي تي ڊگري ڪاليج مڪلي جو پرنسپل ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، پريس ڪلب ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب شيخ، ڊپٽي ڊاريڪٽر شوشل ويلفيئر ٺٽو خدا بخش بھراڻي ۽ ٻا پڻ موجود  هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے