19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڇاڇرو: بچاءَ جي ڏهاڙي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڇاڇري ۾ بچاءُ جي ڏهاڙي تي  اسان کي پيار آهي پاڪستان جي عنوان  هيٺ  ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

پاڪستان رينجرز، ٽائون چيئرمين قمرالدين راهمون، واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻن رميش لانگهڻي، دسرت مهيشوري، بلاول بجير، مهراب بجير،لجپت لڌڙ، راٺي گوتم ۽ استادن جاويد گجو، قلندر سنگراسي، طارق نهڙي، ابوبڪر راهمون  ۽ شاگردن پاران  لاڌورام مندر کان ريلي ڪڍي وئي .

ريلي مين بس اسٽاپ ڇاڇرو کان ٿيندي رينجرز هيڊڪوارٽر پهتي، جتي  پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو عظيم ڏهاڙو آهي،پاڪ فوج جي جوانن جون پاڪستان لاءِ تمام وڏيون قربانيون آهن.

هنن چيو ته  سڀني کي پاڻ ۾ متحد ٿي ملڪي دفاع ۽ بقا لاءِ پاڪ فوج سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے