25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٺٽو: فشر فوڪ فورم پاران ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

Thatta,  Fisher Forumٺٽي ۾  بچاءُ جي ڏهاڙي  تي  ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستاني ملاحن  جي آزادي لاءِ پاڪستان فشر فوڪ فورم  طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي  وئي .

پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سربراھ سيد محمد علي شاھ، گلاب شاھ، جي اڳواڻي ۾ سوين ملاحن عورتن مردن ۽ ٻارڙن سان گڏجي  ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب  تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو  ته ھتان جا ملاح  انتھائي غريب ۽ پورھيت آھن جيڪي پنھنجي ٻچن جي گذر سفر  لاءِ اونھي سمنڊ ۾ وڃي مڇي جو شڪار ڪن ٿا پر افسوس ڀارتي فورس  وري انهن  کي ڌاڙيلن جيان کنڀي ھندستان جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪري انسان سوز تشدد ڪري ٿي.

هنن مطالبو ڪيو ته  پاڪستاني ملاحن   کي آزاد ڪرايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے