21 جمعو , سيپٽمبر 2018

تلهار جي ياد بڻجي ويل ”محبوب سينيما“:عاجز انور لاشاري

تلھار شھر ۾ ريلوي اسٽيشن  ڀرسان ” محبوب“ سينيما گھر ھوندو ھو ”مکي غلام علي خواجا“ ۽ سندس ڀائيٽيي محبوب خواجا ۽ جي سرپرستي ھيٺ ۽ سندس نالي سان اها سينيما زورن شورن سان ھلندي ھئي ھي سينيما اڄ واري فاروق اعظم چوڪ کان ريلوي اسٽيشن ويندڙ روڊ تي هوندي هئي، جتي ھن وقت ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ جي ڪلينڪ ۽ ڀرسان ڪيترائي عاليشان دڪان ۽ گھر اڏجي ويا آھن پر پھريان ھيءُ وڏي ايراضي ۾ پلاٽ تي ”مکي غلام علي“ جي مالڪي ۾ ”محبوب نالي سان سينيما گھر اڏيل ھو اھڙيون رونقون سير و تفريح ۽ خوشحالي وارو جڏھن ماحول ھوندو ھو تڏھن ھن محبوب سينيما ۾ ھر آچر جي ڏينھن سينيما جو ھائوس ڀرجي پوندو ھو باقي ڏينھن ڪڻان ڪڻان ٿي ڳوٺاڻن علائقن مان ماڻھون ھن خوبصورت ھال ۾ محفوظ ٿيندا هيا، ھي درد ڪٿا ۽ ڪھاڻي ھڪ شھر جي نه پر سڄي سنڌ جي شھرن جي ساڳي درد ڪٿا آھي، ھر شھرن مان وڃائجي ويل سينيما گھرن جي سونھن جيڪا اڄ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ لا۽ جڏھن ملي پوي ته ساڳيو وقت ھر سنڌ جي شھر جون وڃائجي ويل خوبصورتيون پڻ ياد اچو وڃن،

”مکي غلام علي خواجا“ جي تلھارين لاءِ  ھي فخريه پيشڪش محبوب نالي سينيما گھر جو بنياد ته وڌو ويو پر پاڻ ”مکي غلام علي خواجا“ ھڪ ادبي دنيا سان پڻ سلهاڙيل هيا، هو ھڪ شاعر به ھو آزاد خيالن جو مالڪ لوڪ ادب ۽ ٻيون ادبي ڳالھيون سندس دل ۽ ذھن ۾ سوار ٿينديون رھنديون ھئس،

تلھار ۾ ”مکي غلام علي خواجا“ محبوب نالي سان سينيما گھر جو بنياد رکرايو وڏين ڏکيائين ۽ جفاڪشين جا ڪشالا ڪٽيا ۽ مشڪلن بعد ئي سال 1968 ۾ ”محبوب نالي سينيما گھر جو لائنس وٺي بنياد رکيو ”محبوب“ مکي غلام علي خواجا جي ڀاء جو پٽ ئي نه بلڪه پنھجو نياڻو به ھئس ۽ پنھجي محبت جي اظھار کي بيان ڪرڻ لا۽ پنھجي ئي نياڻي جي نالي سان محبوب سينيما گھر جو تلھار شھر ۾ بنياد رکيائين جنھن جو افتتاح سال 1971ع ۾ ڪرائي باقاعدگي سان سينيما جو آغاز ٿي ويو ۽ سينيما جو آغاز پھرين اسلامي فلم  ھلرائي ڪرايو ويو ھو شروعات ۾ سال 1971ع ۾ محبوب سينيما ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٽڪيٽن جو احوال ھن ريت بيان ڪجي ٿو،

سينيما ۾ ٿرڊ ڪلاس ۾ ويھڻ وارن کان آنا ٽڪيٽ جي فيس ورتي ويندي ھئي جڏھن ته سيڪنڊ ۾ ويھڻ جو ٽڪيٽ 12 آنا  ۽ فرسٽ ۾ ويھڻ وارن شوقينن کان ھڪ روپيه ٽڪيٽ وصول ڪيو ويندو ھو ان کان پو۽ سينيما جي گيلري ۾ ويھڻ جو ٽڪيٽ 2 روپيا وصول ڪيو ويندو ھو ۽ امير ترين ماڻھون فيملي يا اڪيلو آرام سڪون سان سينيما ۾ ويھي فلم ڏسڻ وارا باڪس ۾ ويھندا ھيا باڪس ٻن کان چار ماڻھن جي ويھڻ جا ٺاھيل ھئا ۽ انھن باڪسن ۾ اھي ٻه کان 4 ماڻھون آرام سان پوري فلم ڏسي وٺندا ھئا ۽ ان باڪس ۾ ويھڻ وارن کان 2 رويپا 50 پيسا ٽڪيٽ فيس وصول ڪئي ويندي ھئي،

تلھار شھر لا۽ اھو ھڪ وڏو اعزاز ئي نه بلڪه خوبصورت ھڪ منظر پڻ ھو جنھن منظر جي ديد جا منتظر ڪيترائي ديوانه شوقين پنھجي ذھني سڪون ۽ دل وندرائڻ لا۽ محبوب سينيما ۾ پنھنجو وقت گذاريندا ھيا.

اھو وقت سينيمائن جي اوج جو ھو، تمام گهڻيون ۽ مقبول سينيمائون هونديون هيون، جنھن جو ڪو جواب ئي نه ھو اھڙي طرح بدين شھر ۾ به ھڪ سينيما گھر ٺھيو جنھن جو باني محترم حبيب خواجا جن ھئا ۽ ماتلي شھر ۾ سينيما گھر جو باني ڪريم بخش نظاماڻي ھو ۽ تلھار شھر ۾ ”مکي غلام علي خواجا” محبوب سينيما گھر جو بنياد رکيو ۽ ٽنڊو غلام علي شھر ۾ به ھڪ سينيما گھر جو بيناد رکيو ويو ھو پر ماڻھن جي وديڪ دلچسپي ۽ لاڙو نه ھئڻ سبب سينيما ھلڻ کان اڳ ئي بند ٿي وئي.

پر آخرڪار ھر عروج جو زوال به ته اچڻو ئي آ اھڙي طرح سينيمائن جو به زوال اچڻ شروع ٿيو جڏھن شھرن ۾ سال 1999ع کان 2000ع تائين وي سي آر متعارف ٿيڻ لڳو ۽ فحاشي فلمون اچڻ لڳيون تنھن وقت سينيمائن ۾ اچڻ واري دلچسپي ۽ شوق کي نظر لڳڻ شروع ٿي جڏھن ته سينيما گھرن ۾ سنڌي اردو پنجابي فلمون ته ھلنديون ھيون پر فحاشي نه پر وي سي آر تي انگريزي جون فحاشي فلمون هلڻ لڳيون.

سينيما جون ڪرسيون ويرانين جون شڪار ٿيڻ لڳيون شروعاتي وقت ۾ جڏھن ڪا نئين فلم ايندي ھئي ته انھن جا پوسٽر ھر چوڪ چوراھي تي لڳايا ويندا ھئا ۽ ماڻھون اھا فلم ڏسڻ لا۽ ان ڏينھن جي اچڻ جو بي صبري سان انتظار پڻ ڪندا ھئا پر جڏھن وي سي آر شھرن ۾ ڪاهه ڪئي سينيما گھر ۾ ڪرسيون ئي خالي رھڻ لڳيون ۽ نيٺ نقصان ملڻ شروع ٿيو ۽ آخرڪار سنيميا گھر بند ٿيڻ لڳا.

ھڪ تلھار شھر ۾ ئي نه پر بدين ماتلي ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ سينيما گھر سال 1999ع کان ويندي سال 2000ع تائين آخري سال ئي رھيو، اھڙي طرح تلھار شھر ۾ به سال 2000ع کان 2001 تائين ”محبوب نالي سينيما بربادي جي ڪنارن  تي پھچي ويران ٿيڻ لڳي ۽ آخرڪار بند ٿي وئي ساڳي سينيما ڪي سال پنھجي موجودگي جا احساس تلھارين کي ته ڏياريا پر وقت گذرندي اھا محبوب نالي سينيما فقط ھڪ پلاٽ جي صورت ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي ۽ سينيما جو بنياد ڊھڻ لڳو ڀتون ڪرڻ لڳيون ۽ آخرڪار محبوب نالي سينيما مڪمل ڊاھي پٽ ڪرائي وئي ان سينيما گھر ۾ ڪيترن گھرن جون يادون ۽ گذريل پراڻون وقت پڻ تاريخ ۾ رقم ڪيل آھي، سينيما ڊھڻ بعد سينيما جي پلاٽ تي اتي اڄ مختلف دڪان ۽ گھرن جون اڏاوتون ته ٿيون پر اتان نالي محبوب ۽ ”مکي غلام علي خواجا“ جون محنتون ۽ ڪاوشون هاڻي ياد بڻجي ويون آهن.

اڄ به اھو روٽ جڏھن پراڻي وقت جا ماڻھون وٺي نڪرندا آھن ته ھٿ جي اشارن سان اکيون ڇنڀيندي اھو ئي ٻدائين ٿا ته اتي ڪنھن دور ۾ ”محبوب نالي سان ھڪ سينيما گھر ھوندو ھو

اڄ مکي غلام علي خواجا 90 سالن جي عمر ۾ پھچي چڪو آھي پر حب محبت ۽ شوق ساڳيا حشاش بشاش زنده ۽ امر بڻائي پنھجي دل ۾ سانڍي رکيا اٿس اڄ پڇائون ڪري مان جڏھن نڪتس ته سينيما گھر جو باني مکي غلام علي خواجا مون پاڻ ڳولي لڌو ملاقات ڪيم ڳالھيون ۽ ڪو وقت دور جي پچار دلي ڪندي ضعيف عمر ۾ به اڄ جڏھن ”مکي غلام علي خواجا“ کي مسڪرائيندي ڏٺم ته منھجي اکين ۾ لڙڪن جو نار ٿي وھڻ لڳا مکي غلام علي خواجا پنھجون ڪيل ڪاوشون محنتون ۽ پيار سندس ڪتاب مونکي تحفي طور ملاقات ۾ ڏنائين ۽ مون اکين تي رکي کائنس موڪلاڻي ڪري واپس نڪري ھليو آيس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے