19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪتاب ڪارنر:رکيل مورائي

سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ اهم ڪتاب

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

سنڌي ادبي بورڊ پاران تازو ڇپايل ڪتاب آهي ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جو، جنهن جو نالو آهي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“. هيءُ ڪتاب گذريل صديءَ جي وچ ڌاري سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل انهن ڪتابن مان هڪ آهي، جنهن کي بورڊ جي شروعاتي ڪتابن ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ هن ڪتاب کي وري وري پڙهيو ويو آهي ۽ وري وري ڇاپيو ويو آهي، تازو ڇپيل ايڊيشن ڪتاب جو اٺون ايڊيشن آهي، جنهن مان هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ ڪتاب جي پهرئين ايڊيشن ۾ سائين محمد ابراهيم جوئي ڄاڻايو آهي ته ڪتاب جو پهريون ايڊيشن ليکڪ خود ڇپرايو هئو، ٻيءَ طرح ڪاڪو ڀيرومل سنڌيءَ سان گڏ سنسڪرت، انگلش، فارسي، اردو ۽ هندي ٻوليون ڄاڻندڙ اهڙو ودوان هئو، جنهن الڳ الڳ موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سندس مشهور ڪتاب ”قديم سنڌ“ به شامل آهي، جنهن جا پڻ اڌ درجن کان وڌيڪ ڇاپا اچي چڪا آهن.

”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڪتاب جي اڄ به اها ئي ساڳي اهميت آهي، جيڪا اُن جي پهرئين ڇاپي 1956ع ۾ ڇپجڻ وقت هئي، سچ شايد اهو هُجي ته هيءُ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کانپوءِ ئي سنڌي ٻوليءَ بابت جديد تحقيق شروع ڪئي وئي هجي.

ڪيئن به هجي پر ڪاڪي ڀيرومل جي هن ڪتاب جي اهميت ٻوليءَ بابت اهم ڪتابن ۾ شامل ڪرڻ وارن ڪتابن جهڙي آهي، جيڪي عالمن، اديبن ۽ محقنن جي استعمال هيٺ رهندا آهن ۽ سدائين انهن مان گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪيو ويندو رهيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ هيءُ ڪتاب ڇپرائي ٻوليءَ جي ماهرن جي اها اُڃَ اُجھائي آهي، جيڪا هن ڪتاب جي موجود نه هجڻ واري صورتحال ۾ سندن اندر ۾ سدائين موجود رهندي هئي.

اسان کي احساس آهي ته اسان جا عالم اڃا تائين موهن جي دڙي مان هٿ آيل مُهرن تي اُڪريل ٻولي نه پڙهي سگهيا آهن، اهڙي ماحول ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت دنيا جي جنهن به ٻوليءَ ۾ جيڪو به مواد موجود آهي، ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ گهرجي، ائين گهڻين ٻولين مان ملندڙ لفظ ممڪن آهي ته موهن جي دڙي واري ٻوليءَ کي پڙهڻ ۾ آساني پيدا ڪن. اهڙي امڪان کي بهرحال ڪنهن به طرح رَد ڪرڻ بنهه ٺيڪ نه آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي لکيل هن تاريخ کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به ڪتاب ٻوليءَ بابت لکيا ويا آهن، انهن تي هن ڪتاب جو اثر ظاهر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان ڪري هن ڪتاب جي اهميت سدائين مستند رهڻي آهي.

ڪاڪي ڀيرومل جي ٻولي خود اهڙي سُهڻي آهي، جنهن کانئس پوءِ ايندڙ گهڻن ئي لکندڙن کي متاثر پئي ڪيو آهي، اها ڳالهه به يقيني آهي ته هيءُ اهو نثر لکندڙ آهي، جنهن جي نثر سنڌي ٻوليءَ کي هڪ کان وڌيڪ حوالن کان شاهوڪار پئي ڪيو آهي پر هن ڪتاب جو تعلق جيئن ته آهي ئي ٻوليءَ جي تاريخ سان، ان ڪري هيءُ بنيادي ڪتاب ڪري پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، جنهن تي اسان جي بزرگ نهايت ئي گهڻي محنت ڪئي آهي، خود اڄ جو پڙهندڙ پڻ اها محنت محسوس ڪندو ۽ اها محنت به اهڙي وقت ۾ ڪيل آهي، جنهن وقت ۾ اڄ جهڙيون سهولتون موجود نه هيون.

ڪيئن به ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڪتاب لکي ڪاڪي ڀيرومل سنڌ تي احسان ڪيو آهي، ٻيءَ طرح سندس احسان سنڌي ادب توڻي سنڌي ٻولي ڪڏهن به لاهي نه سگهندي ۽ اسان سنڌي پڙهندڙ ته گهڻن ئي حوالن کان سندس احسان مند آهيون.

سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل هي ڪتاب جو ستون ڇاپو ڪمپيوٽر تي نهايت سهڻو ڪري ڇپايو ويو آهي، هن ڪتاب ۾ ٻه سئو ڇهانوي صفحا آهن، پڪي جلد ۽ وڻندڙ پني واري هن ڪتاب جو مُلهه نهايت مناسب ٻه سئو رپيا رکيو ويو آهي، ڪنهن به طرح بورڊ هن ڪتاب کي سُهڻو ڪري ڇپائڻ تي جَس لهڻي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو اردو ڪتاب

سندهي ثقافت کا نيا دور

ڊاڪٽر ڄمال ڪامڙو اڄ ڪنهن به تعارف جو محتاج هجي اهو چوڻ مشڪل آهي، هو اهڙو نوجوان اسڪالر آهي، جنهن لوڪ ادب بابت پنهنجي ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ لڳاتار لکندو رهيو آهي.

سنڌ جو لوڪ ادب، جنهن جو تعلق سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت سان آهي ان بابت ڊاڪٽر ڪمال لڳاتار نه رڳو لکيو آهي پر ڪيئي ڪتاب ترتيب پڻ ڏنا آهن. هو ساڳئي وقت هڪ قابل براڊ ڪاسٽر به رهيو آهي پر سڀ کان وڌيڪ اهو ته هو هڪ اهڙو شخص آهي، جنهن سان ملي هر وقت خوشي ٿيندي آهي، نهايت نهٺو سچو ۽ سٻاجهو سڀاءُ رکندڙ اسان جو پيارو دوست ڪمال ڄامڙو هر وقت متحرڪ رهندڙ ۽ ٻين کي متحرڪ ڪندڙ اهڙو شخص آهي، جنهن جي دوستي هر طرح اهميت ڀري رهي آهي.

تازو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي سنڌ جي ثقافت بابت ڪن اردو مضمونن جو مجموعو شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”سندهي ثقافت کا نيا دور“. هي مضمون اهڙا آهن، جن جو تعلق نه رڳو سنڌي ثقافت سان آهي پر جزوي طور هن ملڪ ۾ موجود مڙني ثقافتن سان آهي، ائين ڊاڪٽر صاحب پڻ ڄاڻايو آهي.

هي مضمون الڳ الڳ وقتن تي ڪن سيمينارن وغيره ۾ پڙهيا به ويا آهن ۽ الڳ الڳ رسالن ۾ ڇپيا پڻ آهن، ائين هي مقالا ۽ مضمون اهڙا آهن، جيڪي اڄ جي دور ۾ ثقافت کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي، نه رڳو سنڌي پڙهندڙ سنڌ جي ثقافت جي قدامت کان واقف ٿيندا پر اردو پڙهندڙ پڻ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي نه رڳو تهذيبي سفر کان واقف ٿيندا پر اڄ جي نئين دور ۾ جيڪا ثقافت استعمال هيٺ آهي، ان کان به واقف ٿيندا، ائين هيءُ ڪتاب هڪ اهميت ڀريو ڪتاب ثابت ٿيندو، جڏهن هن کي غور سان پڙهيو ويندو!

هڪ سئو چوئيتاليهه (144) صفحن تي ڦهليل هيءُ پڪي جلد وارو ڪتاب سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ هن ثقافتي سفر بابت لکيل ڪتاب جو مهاڳ پنجاب يونيورسٽي لاهور جي نامياري پروفيسر ڊاڪٽر نبيله الرحمان لکيو آهي.

ڪنهن به طرح هي ڪتاب سنڌي نه سمجهندڙن لاءِ سنڌ ۽ ان جي اڄ جي ثقافتي نئين دور کي سمجهڻ ۾ آساني ڪندو، ڪتاب جو مُلهه چار سئو رپيا آهن.

 

برطانوي ليکڪ ڊينيئل ڊيفوڪا جو ترجمو ٿيل ناول

موت جي مُنهن ۾

عالمي ادب مان ترجمن جي صورت ۾ جيڪو ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيو آهي، ان پَڪ سان سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي پڙهندڙن سان وڙ ڪيو آهي، اهو ادب ڀلي الڳ الڳ حوالن سان پڙهيو ويو آهي پر ان سنڌي نثر کي شاهوڪار ڪيو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.

اسان جي بزرگ اديبن ۽ عالمن کان وٺي اڄ جي نوجوانن تائين جن به عالمي ادب مان جيڪي به ترجما ڪيا آهن، انهن جو انگ چڱو ئي آهي، انهن ڪتابن ۾ تخليقي ادب به آهي ته تاريخي، تحقيقي، نظرياتي ۽  سائنسي ادب به شامل آهي.

تازو ئي هڪ ننڍو ناوليٽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي، جيڪو سترهين صديءَ جو لکيل آهي، جنهن کي انگريزي ادب جي شروعاتي ناوليٽن ۾ شماري سگهجي ٿو. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته مترجم پاران اصل ليکڪ جو مختصر تعارف به ترجمي سان گڏ شامل ڪيو وڃي ها پر ائين نه ٿي سگهيو آهي ۽ ناول بابت ڪا خاص ڄاڻ نٿي ملي. ڪنهن به تعارف کانسواءِ هيءُ ترجمو ڪيل ناول پنهنجي موضوع مان پنهنجي عُمر جو عرصو ٻڌائي ٿو ته هو سترهين صديءَ جو آهي.

هن ناول جو اصل نالو ڇا آهي، ڪتاب ۾ ڄاڻايل نه آهي، ڪهڙي ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، اها به خبر ڪا نه ٿي پوي پر ان کي سنڌيءَ ۾ جيڪو عنوان ڏنو ويو آهي، اهو آهي ”موت جي مُنهن ۾“ ۽ سچ پچ ناول جو ڪردار سڄي عُمر موت جي منهن ۾ ئي گذاري ٿو.

ناول جو ترجمو اسان جي نوجوان دوست طفيل مگسيءَ ڪيو آهي. شخصي طور مون سندس ترجمان پڙهيا آهن، هو سٺو ترجمو ڪندڙ آهي پر ڪنهن به طرح هن ناول جي ترجمي کي سٺو ترجمو ڪوٺي نه سگهبو، ٻيءَ طرح هيءُ ناول/ناوليٽ سٺن ڪتابن مان ضرور آهي. ڪتاب جو ڇپائيندڙ ادارو فاضل سومرو پبليڪيشن ميهڙ آهي پر ڪتاب ڏانهن اداري به ڌيان نه ڏنو آهي، جنهن ڪري پروف جي چُڪن سان ڀريل آهي، هڪ سٺي ڪتاب تي ٿوري ڌيان ڏيڻ سان ڪتاب وڻندڙ ٿي پوي ها، جيڪو ڌيان اسان جي نون جڙندڙ ادارن کي ضرور ڏيڻ کپي.

اهو به سچ آهي ته پڙهندڙ هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪندو ته پڄاڻيءَ تي پهچي پوءِ ساهي کڻندو. دوست طفيل مگسي لڳاتار ترجمن ڪرڻ واري عمل ۾ رهندو آهي ۽ هن ڪي نهايت سٺيون ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون آهن، جنهن ڪري هو هن ناوليٽ ترجمو ڪرڻ تي به جس لهڻي.

پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ هڪ سئو يارهن صفحا آهن ۽ ان جو مُلهه اڍائي سئو رپيا رکيو ويو آهي. ڪنهن به طرح سنڌيءَ ۾ عالمي ادب مان ترجمو ڪيل ڪتاب گهڻي گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ اهڙو عمل لڳاتار هلڻ گهرجي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے