26 اربع , سيپٽمبر 2018

شگر جي مريضن کي ڪهڙا ميوا کائڻ گهرجن:ڊاڪٽر علي مراد راهو

شگر هڪ اهڙو مرض آهي جنهن جي سڃاڻپ مريض کي اڻ ڳڻيل نعمتن ۽ مختلف قسم جي کاڌن جي لذتن کان ماڻهن کي منهن موڙڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏي ٿي. خاص طور تي کنڊ مان ٺهيل شين کان ۽ جڏهن ڳالهه ميوات جي ٿئي ته وات ۾ مٺاڻ محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. ڇو ته ميوات ۾ هڪ خاص قسم جي شگر فرڪٽوز موجود هوندي آهي. ماهرن جي مطابق ان جو استعمال شگر جي مريضن سميت ٿولهه جي شڪار ماڻهن جي صحت تي به خراب اثر ڇڏي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مريض کي ميون جي استعمال ۾ خاص احتياط ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو وڃي ٿو. پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته شگر جا مريض هر قسم جي ميوات کائڻ کان منهن موڙي ڇڏين يا پوءِ اهي ڪهڙا مخصوص فروٽ آهن. جن جو استعمال شگر جي مريضن جي مجموعي صحت تي پنهنجا سٺا اثر ڇڏي. ان سان گڏوگڏ رت ۾ انسولين جي ليول به صحيح رکڻ جو ڪم سرانجام ڏين. اچو ته اڄ اهڙن ميون جو ذڪر ڪريون جنهن جو استعمال شگر جي مريضن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي.

(1) مالٽا ۽ سنگترا: مالٽي ۽ سنگتري جهڙن ميون کي شگر جي مريضن جي لاءِ سٺو قرار ڏنو ويو آهي. انهن جي نظر ۾ شگر جي شڪار ماڻهن جي جسم ۾ وٽامن سي جي مقدار ۾ گهٽتائي ٿي وڃي ٿي. ۽ اهو ئي سبب آهي ته مالٽا، گريپ فروٽ، ليمون، ڪينو يا اهڙي قسم جا ٻيا اينٽي آڪسيڊنٽ ميون جو بهترين انتخاب ڪرڻ گهرجي، جيڪي شگر جي ٽائيپ 2 کي ڪنٽرول ۾ رکن ٿا.

(2) ترشاوا فروٽ: ڪيلي فورنيا يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق جي نتيجي جي مطابق ترشاوا ميوو شگر جي مريضن جي لاءِ گهڻو فائديمند آهي. آمريڪي ماهرن جو چوڻ آهي ته ترشاوا ميوو ٿولهه کي گهٽ ڪري ٿو ان سان گڏوگڏ دل، جگر جي بيمارين ۽ شگر جي بچاءُ کان به فائديمند آهي. ترش ميوي ۾ وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ (Anti oxidant) جزن سان ڀريل هوندو آهي. اينٽي آڪسيڊنٽ مادا فري ريڊيڪلز جي خلاف حفاظت ڪن ٿا شگر جا ماهر مريضن کي اهڙن ميون کي کائڻ جو مشورو ڏين ٿا.

(3) چڪوترا: جيڪڏهن توهان کي شگر جي بيماري آهي ته چڪوترو سڀني ميون ۾ اوهان جي لاءِ بهترين آهي. ڪيلي فورنيا يونيورسٽي جي ماهرن جي نظرن ۾ چڪوتري جو استعمال جسم ۾ موجود خراب شگر ۾ گهٽتائي جو سبب بنجي ٿو. ان ۾ موجود وٽامن سي، وٽامن اي، آئرن، فاسفورس ۽ (چن) جو گهڻو مقدار شگر جي مريضن جي لاءِ قوت مدافعت نظام کي طاقت پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ماهر چڪوترا جي بي پناهه خاصيتن جي سبب شگر جي مريضن کي عام طور تي روزانو اڌ گريپ فروٽ چوسڻ جو مشورو ڏين ٿا.

(4) ڄمون: ڇا توهين ڄاڻو ٿا ته ڄمونءَ ۾ شگر جي بيماري سميت ٻين ڪيترين ئي بيمارين جو علاج موجود آهي. ڄمون ٿڌو ۽ خشڪ مزاج رکڻ وارو ميوو آهي هن جو مناسب استعمال شگر جي بيماريءَ ۾ بيحد فائديمند آهي. جيڪڏهن شگر جا مريض ڄمون جو رس ۽ انب جو رس هڪ جيترو ملائي استعمال ڪن، جيڪو شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. هن سان گڏوگڏ سٺي غذا جو ڪم ڪري ٿو ڄمونءَ کان علاوه ان جا گل به پاڻيءَ ۾ گهوٽي پيئڻ سان مريض کي فائدو ٿئي ٿو.

(5) آڙو: آڙو ۾ وٽامن اي ۽ سي جو گهڻو مقدار موجود هوندو آهي ان کان علاوه آڙو ۾ پوٽاشيم ۽ فائبر جو به مقدار هوندو آهي. شگر جي مريضن کي اڪثر هي ميوو کائڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي جيڪو ان جي استعمال سان جسم ۾ شگر جي ليول کي هيٺ رکي ٿو. هي مزيدار ميوو جسم ۾ وڌيڪ چرٻيءَ کي به ڳاري ٿو.

(6) ڳاڙها ايراني انگور: شگر جا ماهر شگر جي مرض ۾ ڳاڙها انگور کائڻ جو مشورو ڏين ٿا. آمريڪي ماهرن جي تحقيقي نتيجي جي مطابق ڳاڙهن انگورن ۾ اهڙا ڪيترائي جزا معلوم ڪيا ويا آهن. جيڪي ٿولهه، دل جي بيمارين ۽ شگر جي ٽائيپ 2 کي نه صرف روڪين ٿا بلڪ انهن مرضن جي علاج ۾ به فائديمند آهي. ٻاهرئين ملڪ جي جنرل ڊاءِ بيٽس ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ جي تحقيقي نتيجي ۾ شگر جي مريضن جي لاءِ ٻن فائديمند ميون جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن ٻن فروٽن مان هڪ ڳاڙهو انگور آهي ماهرن جي مطابق ڳاڙهن انگورن ۾ ٽرانس ريس وريٽرل ۽ نارنجيون ۾ هيسپريٽن نالي مرڪب شگر، ٿولهه ۽ دل جي مرضن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

(7) بيريز: بيريز هڪ اهڙو ميوو آهي جنهن ۾ موجود فائبر ۽ ڪيترن ئي قسمن جون وٽامنز شگر جي مريضن جي صحت تي سٺا اثر ڇڏين ٿيون. ماهرن جي نظر ۾ بيريز هڪ بهترين اينٽي آڪسيڊنٽ آهن جنهن جي سبب شگر جي مريضن کي ڏينهن ۾ 3 دفعا ڪوپ جو چوٿون حصو بيريز پيئڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. بيريز ۾ ڪرانس بيري، رس بيري، بلو بيري جو استعمال شگر جي مريضن جي لاءِ فائديمند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے