21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نم جنهن کي ”نوراني وڻ“ پڻ چيو ويندو آهي:جوڻيجو محمد عثمان قبولائي

نم هڪ ڪارائتو وڻ آهي، جو سند ۾ بلڪل عام آهي. هن وڻ کي ”نوراني“ وڻ سڏيو ويندو آهي. ۽ هي وڻ پنج هزار سال پراڻو آهي. هن جي ڇانوَ تمام گهاٽي ۽ ٿڌي ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري هن کي گهر جو سينگار سمجهيو ويندو آهي. ۽ مڪانن ۾ هي وڻ هنيو ويندو آهي. باغن جي ٻاهرين ڪنارن تي به هن جون قطارون هونديون آهن.

نم سياري جي پڇاڙيءَ ۾ سمورا پن ڇاڻي ڇڏيندي آهي ۽ بهار ۾ اُها بهاري وٺندي آهي، جو ڏٺي دل بهار ٿي ويندي آهي.

هيءَ نه رڳو انسان ذات لاءِ ڪارائتي آهي، پر جانور، پکي ۽ جيت به هن مان فائدا حاصل ڪندا رهن ٿا. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

(1) نم جو ڪاٺ ڪڙو ٿيندو آهي، جنهن کي اڏوهي يا سرو اصل نقصان نه پهچائيندو آهي، انهيءَ ڪري اهو عمارتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي. ان کان علاوه هي وڻ مضبوط به آهي. منجهانئس در، دريون ۽ ڪٻٽ ٺاهيا ويندا آهن. هن جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم به اينديون آهن.

(2) جيڪڏهن ڪو عضوو سڙي پوي يا منجهس وائي سور ٿئي، ته نم جي پنن جو پوپو ٺاهي ان تي ٻڌجي، ته سور جي پاڙ ئي پٽجي ويندي. جي ڪنهن به سبب کان سوڄ ٿئي، ته هن جا پن گرم ڪري ٻڌي ڇڏجن ته سوج لهي ويندي.

(3) ڪنهن ماڻهوءَ کي گرميءَ جو اثر هجي يا کيس مَلو ٿي پوي، ته ان لاءِ نم جا پن گهوٽي پيئڻ اڪسير آهن. ان جو رت صاف ٿي ويندو ۽ بدن مان گرمي صفا نڪري ويندس.

(4) ان جو ٻور به ڏاڍو فائدي وارو آهي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو چاليھه ڏينهن لاڳيتا گهوٽي پيئي، ته ڳاڙهو ڪري ڇڏيس. ڪيترن جيتن جو ته اهو هڪ سٺو کاڌو آهي. ماکيءَ جي مک به انهيءَ مان رس چوسي ماکي ٺاهيندي آهن. نم تي ويٺل ماکي ڪيترن مرضن جو علاج آهي.

(5) ان جون نموريون به ڪارگر شيءِ آهن. چتون انهن کي ڏاڍي چاهه سان کائيندا آهن. ڪي ڪي ماڻهو به ان مان چهر ڪندا آهن.

(6) ٻهراڙي جون زالون نمورين جون ککڙيون گهوٽي، ليس ڪري مٿي ۾ وجهنديون آهن، انهيءَ لاءِ ته چوٽيءَ مان چيڙهه نڪري وڃي. موڪَن جي بيماريءَ لاءِ به هي مفيد آهن. اڪثر اهڙا مريض آهي گهوٽي پيئندا آهن

(7) نم جو ڏندڻ هڪ بهترين شيءِ آهي. جيڪو ماڻهو روزانو اهو ڏيندو، تنهن کي ڏند ۽ ڏاٺ جي ڪڏهن به بيماري نه ٿيندي.

(8) هن وڻ مان هينئر هڪ صابڻ ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي نم جو صابڻ چيو وڃي ٿو. اهو چمڙيءَ جي هر هڪ بيماريءِ لاءَ ڏاڍو فائدي وارو آهي.

(9) هن جي ٿڙ مان ڏگري ڪڍي، ان ۾ چاليهه ڏينهن سرمو رکي ڇڏجي. ان بعد اهو ڪڍي، پيهي، اکين ۾ وجهجي، ته اک جي هر بيماريءَ کي دفع ڪري ڇڏيندو.

وطن سان محبت جو اظهار ڪيو، نم جا وڻ پوکي سنڌ ۾ تيار ڪيو.

لاهيو قرض پنهنجي مٽي ماءُ جو، ڪري سبز ڌرتيءَ سينگار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے