19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌي لاڏن ۽ خوشين جي اهميت:حميده گهانگهرو

جهونگارڻ انساني فطرت جو پهريون اظهار آهي جنهن سان هو چپن جي مرڪ ۾ ڪجهه ڳائيندو رهندو آهي ڀلي کڻي هون هون ڪري جهونگارڻ هجي، ٻآر جڏهن ننڍڙو آهي هو روئي ٿو ته هن کي پرچائڻ لاءِ تاڙي وڄائڻي پوي ٿي ٿو شور ڪري ڏيکارجي ٿو، ڪا شئي وڄائي ڏيکارجي ٿي ته هڪدم خوشي وچان روئندي روئندي کلي پوي ٿو، انهيءَ جو مطلب آهي ته هن دنيا ۾ آيل انسان خوش رهڻ کي پنهنجي زندگي سمجهي ٿو، دنيا جي خطي ۾ ڀلي کي ڪير ڪٿي به رهندو هجي سندس ڪهڙي به ٻولي ۽ مذهب سان واسطو هجي پر زندگيءَ جو خوبصورت فن سندس ڳائڻ، جهومڻ ۽ اظهار ڪرڻ آهي، انهيءَ ڪري هر ٻوليءَ ۾ ڳيچ، سهرا اڪثر ڳايا ويندا آهن.

سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سهرن، لاڏن جي تمام گهڻي اهميت آهي، مٺڙي ٻوليءَ ۾ پهرين لولي ڏئي ٻار کي سمهارڻ به هڪ ننڍڙو ڳيچ آهي، ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن به خوشي جي موقعي تي ساهيڙيون سرتيون گڏجن ٿيون ته هو سهرا ڳائين ٿيون. سهرا مختلف موقعن جا مختلف اظهار هوندا آهن مثلن ٻار جي ڄمڻ تي ڇٺيءَ تي ۽ سهرا چوڻ، پٽن جي طُهر ڪرائڻ تي به وڏو ڪاڄ ڪري سهرا ڳايا ويندا آهن مائرون چنڊ مٿي تي کڻي رئي جو ڳانو ٻڌي بيهنديون ۽ خوشي ۾ مٿس ٻيون ساهيڙيون دلا مٽ پاڻي جا هاري ڳيج ڳائينديون، ڳانا ٻڌڻ وقت به ڳائينديون، شادي تي خاص سهرا هوندا جيڪڏهن ڏسجي ته سهرن جي پويان به هڪ بهترين نفسيات به آهي، مثلن پٽ جي طهر وقت ٻار به تڪليف ۾ ته ماءُ به تڪليف ۾ پر ڪيڏو نه خوبصورت انداز سان ان تڪليف جي مرحلي کي خوشي ۾ تبديل ڪري ذهن مٽايو ويندو آهي، اهڙي طرح ڌيءُ پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر مان رخصت ٿئي ٿي ته اهو مرحلو به ڪنهن حد تائين ڏک ڏيندڙ به هوندو آهي ته جيڪا نياڻي هڪ گهر ۾ پلجي وڏي ٿئي ٿي ان جي موڪلاڻيءَ وقت توڻي جو ماحول ڏکوئيندڙ هوندو آهي پر ان سڄي مرحلي کي به خوشي ۾ تبديل ڪيو ٿو وڃي. انهيءَ مان ظاهر ٿو ٿئي ته خوشي انسان جو بنيادي حق آهي.

هاڻي علائقن جي لحاظ کان مختلف ٻولين ۾ گيت ڳايا وڃن ٿا مثلن ٿر جا گيت ڏاڍا وڻندڙ ۽ ٿري ٻولي ۾ وري مٿان چار چنڊ لڳي ويندا آهن جڏهن هو پنهنجي لباس ۾ جهومندا ۽ ٽولين جي شڪل ۾ ڳائيندا اچن ٿري پنهنجي سڄي مفلسيءَ غريبيءَ محروميءَ کي سرن ۽ سازن ۾ويڙهي مرڪندا رهندا، مائي ڀاڳي جنهن کي ٿر جي ڪوئل چيو ويندو هو. مائي ڀاڳي جڏهن ڪن کان هٿ رکي کهڙي نيم ڪي نيچي مين تو هکلي، چئي پنهنجي سامهون سڄو ولر بيهاري ڇڏيندي هئي، وري جڏهن چوي ته ”ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور منهنجي تو پڄائي“ ته مائي ڀاڳي ٿر جي ڪوئل نه پر سنڌ جي ڪوئل بڻجي پوندي آهي جنهن جي گواهي خود اهو گيت به ڏئي ٿو.

سنڌ ۾ خاص طور ڪجهه ذاتيون ڪاروبار هنر، فن ڪري سڃاتيون وينديون هيون. مثال طور واڍو، موچي، ڪنڀر، کٽي ۽ وري مڱڻهار،  ته اهڙو ٻاجهارو ڪردار آهي جو هن جي گهر ۾ ڪيترو اناج ۽ خوشي آهي.

سنڌ ۾ هڪ روايت آهي ته زميندار جو جڏهن ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيندو هو ته ڪنڀر، حجم، واڍي سيد جو ڀاڱو ڪڍڻ سان گڏ مڱڻهار جو به ڀاڱو ڪڍندا هئا، ڇاڪاڻ جو خانداني بردارين جا مڱڻهار به مقرر هوندا هئا جن جو دارومدار شادين خوشين ۾ دهل شرنائين وڄائڻ تي هو. اڄ اهو ڪاروبار دنيا جي ترقيءَ ۾ گم ٿيندو ٿو وڃي، جديد دور جي اليڪٽرانڪ ٽيڪنالوجي جا ڊرم ساز، هٿ ۾ ڏونڪو کڻي دهل وڄائڻ ۽ چپن تي شرنائي رکي دل دماغ مان ڄڻ آواز ڪڍي سڄي محفل کي جهومائيندا هئا. ان فن کي اڄ ڪافي ڌڪ رسيو آهي پر ماضي قريب جي هن فن جي تمام گهڻي اهميت هئي جن کي فن جو قدر آهي، اهي اڄ به شادين ۾ مڱڻهار گهرائيندا آهن  سئو کڻي نئين دور جا گانا هجن پر دهل شرنائن جي ڳالهه ئي ٻي آهي، سنڌ ۾ اڄ به گهڻي قدر مڱڻهار کي مان آهي، ڀلي کڻي شهر جي عورت ڪنهن موبائل تي گانا لڳائي ڪچن ۾ پئي کاڌو پچائيندي پر ڳوٺ جي اها عورت جيڪا جنڊ هلائڻ، لسي ولوڙڻ ٻار کي پينگهي ۾ لوڏي سمهارڻ لاءِ پئي جهونگاريندي دل کي وڻندڙ منظر هوندو آهي.

ادب جي تخليق مان نڪتل لوڪ گيت دراصل جڏهن سڀ ماڻهو گڏجي ويهندا هئا ته انهن کي پهرين دلن، مٽن ٽلين کي وڄائي ڳائڻ جي ابتدا ڪندا هئا ۽ پوءِ انهيءَ آواز مان پيدا ٿيندڙ آوازن جا ساز ٺاهيا ويا. اڄ به ڪي سهيليون گڏ ٿينديون ۽ ڳائڻ جو موڊ ٿيندن ته چونديون کڻي اچو ٿالهه ۽ پوءِ ٿالهه کي اونڌو ڪري ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪنديون سماج ۾ مڱڻهار ئي زندگي جي غم کي خوشيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو ذريعو آهي.

اڪثر جڏهن ڪو ماڻهو  گهڻو ڳالهائيندو ته چوندا ڪو مڱڻهار آهين، انهيءَ جو مطلب آهي ڪنهن ۾ جيڪڏهن اظهار جي آزادي جي صلاحيت آهي ته اهو مڱڻهار آهي، ڪنهن به مذهب ٻولي ۾ ڳائڻ وڄائڻ کي غلط ناهي سمجهيو ويو جيئن انسان جي اندر لڪيل ڏات آهي جنهن جو اظهار ڳائڻ ۽ جهومڻ آهي، هندو مذهب ۾ ڳائڻ ۽ ڊانس ڪرڻ به عبادت سمجهيو ويندو آهي ۽ خاص طور مندر ۾ ڀڄن ڳايا ويندا آهن ۽ ڊانس کي به عبادت سمجهي مقدس نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.

اهڙي نموني هتي به صوفين بزرگن تي انهن وڏن عالمن شاعرن جي شاعريءَ کي سندن مريد ڳائيندا ۽ جهونگاريندا رهندا آهن، مثال طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي، بابا بلي شاهه کي سندن مريد ڳائيندا ۽ جهونگاريندا ۽ اڻ پڙهيل مجاور به اهي وايون گيت بيت باقائدا صحيح تلفظ سان ٻڌائيندا، حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف جون وايون ۽ بيت سمجهڻ ڏاڍا ڏکيا آهن ڇاڪاڻ جو وقت سان ٻولي جي لب و لهجي ۾ ڪافي فرق آيو آهي پر جيڪڏهن مقامي عام ماڻهو کان به شاهه جي وائي پڇبي ته هو بلڪل صحيح ٻڌائيندا ڇاڪاڻ جو سندن تعلق ڀٽ تي ويٺل انهن شاهه جي ڳائيندڙ مجاور فقيرن سان هوندو جيڪي يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائي پيا محفل مچائيندا رهندا آهن.

جڏهن به ڪا تاريخ لکي ويندي ته انهيءَ مطالعي ۾ ضرور اهي صنفون نظر اينديون ته سنڌ جي عورت ڳيچ ڳائي هر ڪم کي فني شڪل ڏني آهي، کوهه تي وڃن ٿيون ته چون ٿيون.

منهنجي ٻارڙي کي لوڏ  وڏپو مان پاڻي تي ٿي وڃان.

اهو ايڏو خوبصورت گيت آهي جنهن ۾ ٻي سهيلي سان ڀرپور محبت ۽ اعتماد جو رشتو برقرار رکي هوءَ پاڻي ڀرڻ وڃي ٿي. شادي جي موقعي تي ڪيترا سوناري ڏانهن اشارا ڪندي چوندي

نٿ گهڙايم سو ڏئي ڙي الهه لڳ راڻا،

مطلب اهڙي ڪافي گيت مثال طور

ڍڳو پير پيران ڍڳي جو ملهه هزار.

ڏسجي ته جيئن شاهه سائين ڌرتيءَ /ڪائنات جي هر پکي پکڻ انسان ذات سان تعلق رکندڙ هر رشتي کي قدر جي نگهاهه سان واکاڻيو آهي اهڙي طرح لوڪ گيتن ۾ به زندگي جي هر پهلو کي عورتن ڳايو آهي، پر صبر ۽ برداشت وري جيڪا گيتن ڳائڻ ۾ شاديءَ جي موقعي تي هوندي آهي تنهن جو مثال ته ڳوليو نه لڀندو.

مثال طور عام زندگيءَ ۾ ڪنهن به ماڻهو کي چاهي مائٽ هجي يا پاڙي وارو دوست ڪو به گٿو لفظ ڳالهائڻ تي يا ته افسوس چوڻو پوندو يا وري قصو وڃي جڳهڙي انا پوليس، ٿاڻن تي پهچندو برادري جا فيصلا ٿيندا پر محفلن ۾ ڳائڻ وقت جڏهن سهرا چيا ويندا آهن ته گهوٽ جي ماءُ، چاچي، ماسي، پڦي شادي شده ڀيڻ ڪنهن به گار کان بچيل ناهي هوندي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته خوشيءَ جو اظهار انسان جي فطرت جو اهڙو عمل آهي، جو دنيا جي سڀني براين خامين غلطين کي به معاف ڪري پري ڪري ٿو ڇڏي.

اڄ ڀلي کڻي جديد دور جي اليڪٽرانڪ ٽيڪنالوجي ۾ سازن ۽ سرن مڱڻهارن جا نالا مٽائي گلوڪار، آرٽسٽ رکيا وڃن، انهن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر پراڻي دور جي پٽڪي ٻڌل، دهل ڳچي ۾ وجهي ڳانا پائي شرنايون وڄائي محفل کي سجائڻ ۽ وري گهرن ۾ پيرن ۾ ڇير ٻڌي راڄ جي وچ ۾ ويهي سهرا ڳائي نچندڙ ۽ هڪ هڪ ويجهي مائٽياڻيءَ کي ٻانهن کان وٺي پاڻ سان بيهاري پيون ڳائينديون اها ثقافتي تهذيب دنيا جي عظيم تهذيبن ۾ ڀائيچارو پيدا ڪري محبت جو پيغام ڏئي ٿي. ڳائڻ فن جي جي تاريخ تمام پراڻي آهي جنهن جا آثار موهن جي دڙي جي تاريخ مان به ملن ٿا ته اڄ جي خوشين جي محفلن ۾ به آهن ڀلي گهٽ آهن پر اڃان زندهه آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے