26 اربع , سيپٽمبر 2018

استاد منظور علي خان جنهن سنڌي راڳ کي نوان لاڙا ۽ دڳ ڏنا:وزير فرهاد سولنگي

استاد منظور علي خان سنڌي موسيقيءَ جي دنيا جو اهو مشهور ۽ معروف نالو آهي جنهن سنڌيءَ موسيقيءَ کي نوان گس ۽ لاڙا ڏنا. ان سان گڏ مختلف راڳين کي پڻ سنڌي راڳن ۾ متعارف ڪرايو.

استاد منظور علي خان1927ع ڌاري شڪارپور ۾ لوهرن جي پاڙي هزاري در وٽ پيدا ٿيو. سندس والد صاحب استاد جمالو خان ۽ ڏاڏو ڪريم بخش خان ولد شادي خان هو. استاد منظور علي خان جي ڄمڻ جي سال ۾ ڪن هنڌن تي تضاد ملي ٿو، ڪن ڪتابن ۾ 1930ع ۽ ڪن ڪتابن ۾ 1927ع لکيل آهي.

استاد منظور علي خان جي خاندان جي ڪرت راڳ ويراڳ سان هئي. استاد گامڻ خان ۽ احمد خان سندس ڏاڏي جا ڀائر هئا.سنڌ ۾ هي ميرن جي دور ۾ مير مراد علي خان ٽالپر جي خواهش تي سنڌ ۾ لڏي شڪارپور اچي آباد ٿيا. ان کان اڳ سندن خاندان هندستاني پنجاب جي ضلعي گڙداس پور ۾ فتح پور چوڙيان ۾ رهندو هيو ۽ ان کان به اڳ هند ۾ سندن وڏڙا گواليار ۾ رهندا هئا جنهن ڪري هنن کي گواليار گهراڻو به سڏيو وڃي ٿو. استاد منظور علي خان جو ڏاڏو ڪريم بخش خان جڏهن سنڌ ۾ شڪارپور ۾ لڏي آيو ته هن کي سنڌ واسين ايتري ته محبت ڏني ۽ قدر داني ڪئي جو پاڻ پنهنجي خاندان سميت سنڌ ۾ ئي رهائش اختيار ڪيائين. سنڌ ۾ هن وقت تائين اهڙو گويو نه مليو آهي جو راڳ داري جي انهيءَ منزل کي رسي سگهي جنهن منزل تي استاد ڪريم بخش خان پهتل هيو.

استاد منظور علي خان راڳ جي شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ استاد جمالو خان کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن پنهنجي سوٽ سينڌي خان کان به موسيقي جي سکيا ورتي استاد منظور علي خان پنهنجي خاندان جي مختلف راڳي مائٽن کان به راڳ جي سکيا وٺندو هو. جنهن ۾ استاد بيگو خان، استاد عاشق علي خان، استاد اميد علي خان اچي وڃن ٿا. استاد سينڌو خان جنهن جو اصل نالو سنڌي خان هو بعد ۾ سينڌو سڏجڻ لڳو، ان کان پوءِ ناليوارن گوين استاد بيبي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد اميد علي خان کان راڳ جي تربيت اهڙي انداز سان ورتي جو استاد منظور علي خان راڳ جو راڻو سڏجڻ لڳو. شڪارپور شهر ۾ انهي دور ۾ محفل موسيقي جون وڏيون وڏيون محفلون مچنديون هيون جنهن کي علائقائي ٻولي ۾ هانڍا چيو ويندو هو انهن هانڍن ۾ ننڍي کنڊ جا وڏا وڏا راڳي ۽ گويا راڳ ڳائڻ ايندا هئا ۽ انهن راڳين جو استاد منظور علي خان جي خاندان سان راڳ جو مقابلو ٿيندو هيو. استاد منظور علي خان ان مقابلي ۾ پهريون ڀيرو پندرنهن سالن جي عمر ۾ حصو ورتو ۽ مقابلو کٽي ورتائين. ان کان پوءِ استاد منظور علي خان کي سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ ڪراچي ۾ کيس استاد بڙي غلام علي خان جي سامهون ڳارايو ويو، اهو مقابلو ٽي ڏينهن هلندو رهيو، ججن ۾ استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد بيبو خان شامل هئا ۽ نيٺ آخري ڏينهن تي گڏيل فيصلو ڏئي استاد منظور علي خان کي سوڀارو بڻايو. استاد منظور علي خان راڳ ڳائڻ جي شروعات اٺن سالن جي عمر کان ڪئي ۽ لڳاتار پنجاهه سالن تائين ڳائيندو رهيو هن ريڊيو پاڪستان، ٽي وي، اسٽيج کان علاوه ڪيسٽ وسيلي ۽ نجي محفلن جي ذريعي سندس ڏات دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ تائين پهتي.

استاد منظور علي خان جو ڀاءُ وزير علي خان به ڳائيندو هو پر هو راڳ جي دنيا ۾ اڳتي نه وڌيو پر هو ڪن خاص جڳهن تي ڳائيندو هيو. استاد منظور علي خان کي پٽ جو اولاد نه هيو ان ڪري پنهنجي ڀيڻ جي اولاد وحيد علي کي پٽ ڪري پاليو هيائين جنهن کي پاڻ پيار مان سرمون سڏيندو هيو جنهن پڻ راڳ جي دنيا ۾ سٺو نالو ڪمايو. اهڙي طرح استاد منظور علي خان کي ٽن نياڻين جو اولاد هيو.

استاد منظور علي خان ڪيترائي پنهنجا شاگرد پيدا ڪيا جن سندس نالو ملڪان ملڪ مشهور ڪيو ۽ سنڌي موسيقي کي هٿي ڏياري سندس پيارن شاگردن ۾ استاد محمد يوسف، استاد وحيد علي خان، استاد حميد علي خان، انور حسين وسطڙو ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا شاگرد اچي وڃن ٿا.

استاد منظور علي خان ڪيترن ئي شاعرن جا ڪلام ڳايا. پر حمل فقير ڪري شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست بابا بُلا شاهه جي ڪلام تي کيس عُبور حاصل هيو.

سندس مشهور ڪلامن ۾

  1. ويندس يار مري تان مري اومٺڙا تنهن جي درد فراق ۾
  2. عشق شرع ڪيا لگي اوقاضيا
  3. رانجها تخت هزاري دا سائين
  4. محبت لڏي ويئي ملڪ مان، ڏک ويا ڏيئي الا ويئي جا ويئي الا ياراڻي

يارن مان هيا ان کان علاوه سر راڻي ۾ ڪمال درجي جي آلاپ سان محفل کي منڊي ڇڏيندو هيو.

استاد منظور علي خان کي سندس فني خدمتن عيوض ڪيترائي انعام، تمغا، ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا جن ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا انعام اچي وڃن ٿا.

استاد منظور علي خان گهڻي وقت کان سنڌي راڳ جو اڀياس ڪندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ هن سنڌي موسيقي ۾ نت نوان تجربا ڪيا. پاڻ مختلف ڪلاسيڪل راڳن جون بندشون ۽ اوستايون ڳايون ۽ ٻڌايو ته سنڌي موسيقي ۾ “راڻي” راڳ جي راڳڻين ۾ هي به سر لڳن ٿا. استاد منظور علي خان زندگي جو گهڻو حصو ٽنڊي آدم ۾ ۽ سندس آخري آرام گاهه به ٽنڊي آدم ۾ آهي. سنڌي راڳ جو راڻُ استاد منظور علي خان نائين سيپٽمبر 1980ع ۾ پنهنجي مداح کا جسماني طور هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس ڏات ۽ ڪلا سنڌ واسين لاءِ روح جي غذا جو ڪم ڏيندي پئي اچي. اڄ سندس 38هين ورسي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے