23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪ-آمريڪا لاڳاپا : ڇڪتاڻ جي نئين دور جي شروعات :زاهد ميراڻي

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۽ ڇڪتاڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي، پاڪستان ٺهڻ جي ٻن مهينن ۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ آمريڪا 20- آڪٽوبر 1947ع تي پاڪستان کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ طور تسليم ڪيو هو، آمريڪا پهريون ملڪ آهي جنهن دنيا ۾ قائم ٿيندڙ ڪنهن به ملڪ کي سندس ٺهڻ جي انتهائي مختصر عرصي اندر تسليم ڪيو هُجي، کانپوءِ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ايتري قدر ته ويجها رهيا جو ” سرد جنگ “ دوران پاڪستان آمريڪا جو اتحادي رهيو ۽ “ CENTO”  ۽  “ SEATO”  تنظيمن ۾ پڻ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا انتهائي ويجها ۽ هڪ ٻئي لاءِ مددگار رهيا. 1972ع ۾ جڏهن رچرڊ نڪسن آمريڪا جو صدر هو تڏهن سندس چين جي دوري لاءِ نه فقط پاڪستان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو پر ڪيئي معاملن ۾ پاڪستان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرائڻ لاءِ بنهه سرگرم رهيو هو. ان وقت پاڪستان ۽ آمريڪا جي اهڙين سرگرمين مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڪيتري قدر نه ويجهڙائي هُئي.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ تلخي جي تاريخ به پراڻي آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ تلخي پهريون دفعو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ آئي، ان وقت پيپلز پارٽي پنهنجي جوهر ۾ جهڙوڪر کاٻي ڌر جي فڪر کان متاثر هڪ جماعت هوندي هُئي ۽ بظاهر سوشلزم جي حمايت ۽ سرمائيداريءَ جي خلاف هوندي هُئي اهو ئي سبب آهي جو پيپلز پارٽيءَ جي سياسي ۽ نظرياتي ويجهڙائي چين سان هُئي پر عملي طور تي پيپلز پارٽي سوشلزم جي بلڪل به ويجهو نه هُئي ۽ نه ئي انهيءَ سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جا ڪي روس سان تعلقات رهيا، پر اها حقيقت آهي ته پيپلز پارٽي ظاهري طور تي پنهنجيون سياسي پاليسيون سوشلزم معيشت جوڙڻ واريون اختيار ڪيون، اهڙي صورتحال ۾ سرمائيداريءَ جي خلاف طرز فڪر ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ هڪ فطري عمل ٿي پوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات ڪنهن حد تائي ڇڪتاڻ وارا ٿيا، پر اها ڇڪتاڻ گهڻو وقت نه هلي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ ختم ٿي وئي.

انهيءَ کانپوءِ آمريڪا، روس جي وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا طرف وڌڻ کي روڪڻ لاءِ ” آپريشن سائڪلون“ شروع ڪيو  جنهن ۾ پاڪستان جو آمريڪا کي ڀرپور سهڪار حاصل رهيو ، انهيءَ ڏس ۾ افغانستان ۾ مسلم مجاهدن جي جنگي تربيت ڪرڻ ۽ انهن کي روس سان ويڙهائي روس کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ مقصد هيو جيڪو آمريڪا زبردست نموني حاصل ڪيو.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وري تڏهن شروع ٿئي ٿي جڏهن  آمريڪا  ”وار آن ٽيرر“ دوران پاڪستان تي  افغان طالبان ۽ ڪوئٽا شريعه  جي اڳواڻن خلاف ڪاررواين ۾ غفلت جو الزام هنيو ۽ ان کان اڳتي  ”ملا فضل الله“، ”ريمنڊ ديوس“ ۽ ”اوساما بن لادن“ جي موت جي معاملي تي پڻ پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي، جنهن کانپوءِ آمريڪا وقت بوقت پاڪستان تي ننڍيو وڌيون اقتصادي پابنديون مڙهيندو رهيو آهي.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ٻيو دفعو ڇڪتاڻ ان وقت شروع ٿي جڏهن1984ع ۾ روس افغانستان مان نڪرڻ لڳو، ان کانپوءِ آمريڪا بانور ڪري ورتو ته هاڻي افغانستان جي معاملي ۾ آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت نه آهي تنهنڪري آمريڪا پاڪستان تي پنهنجو مدار گهٽائڻ لڳو ۽ پاڪستان کي ڪجهه شعبن ۾ ملندڙ مدد ۾ پڻ گهٽائي آڻيندو ويو، نه فقط ايترو پر ان کان اڳتي آمريڪا پاڪستان تي ڪيئي شعبن خاص ڪري فوجي شعبي ۾ پابندين مڙهڻ ۽ امداد گهٽائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو.

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ خاص ڪري افغان جنگ جي پڄاڻيءَ ۽ 1984ع کانپوءِ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ مسلسل ايندي رهي آهي جن جا ڪجهه سبب هن ريت آهن؛،

1 –  پاڪستان جو جوهري پروگرام جيڪو پاڪستان هندستان سان 1971ع جي جنگ کانپوءِ شروع ڪيو هو مختلف مرحلن ۾ جاري پئي رهيو، جنهن ۾ 1974ع ۾ هندستان پاران ” جوهري بم“ جي ڌماڪي کانپوءِ تيزي اچي وئي. 1984ع ۾ آمريڪا پاڪستان تي جوهري پروگرام ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو جنهن لاءِ ان وقت جي ڪانگريس مين پريسلر جي ڪوششن سان ” پريسلر ترميم“ آڻي پاڪستان خلاف مالي پابنديون مڙهيون ويون جن جو مقصد پاڪستان کي  ”جوهري هٿيار“ ٺاهڻ کان پري رکڻ هو ،

2-  آمريڪا جو پاڪستان تي منشيات جي تياري ۽ اسمگلنگ جو شڪ،

3- آمريڪا کي شڪ هو ۽ آهي ته پاڪستان دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث آهي، ( انهيءَ ڏس ۾ پاڪستان 1992 ۾ دهشتگرد رياست جو الزم لڳندي لڳندي بچي ويو هو)

4-  1990ع ۾ پاڪستان آمريڪا جو دوست هو پر جڏهن 28- مئي 1999 ۾ چاغيءَ جي هنڌ پاڪستان پنهنجو پهريون ائٽمي ڌماڪو ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ 180 ڊگرين جي حساب سان ڦيرو آهيو، جنهن کانپوءِ آمريڪا پاڪستان تي ڪيئي پابنديون مڙهي ڇڏيون.

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات 9/11 جي واقعي کانپوءِ ٿي جڏهن آمريڪا سمجهيو ته 9/11 واري واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ پاڪستان اهم اتحادي ٿي سگهي ٿو، ڇو جو ان کان اڳ افغان جنگ ۾ پڻ آمريڪا پاڪستان کي هڪ جنگي پليٽ فارم طور تي استعمال ڪيو هو.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جي نئين دور جي شروعات 2018ع ۾ ٿئي ٿي جڏهن آمريڪي جاسوسي اداري سي آءِ اي جي سربارهه مائڪ پومپيو . 25جولاءِ 2018ع تي ملڪ ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي تحريڪ انصاف جي چونڊجي آيل وزير اعظم عمران خان کي وزير اعظم ٿيڻ تي مبارڪون ڏيڻ لاءِ فون ڪيو، اطلاعن موجب هُن وزير اعظم پاڪستان عمران خان سان ڳالهين ۾ کيس پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن خلاف سخت ڪاررواين لاءِ زور ڀريو، جڏهن ته کانپوءِ ۾ پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته دهشتگرديءَ جي معاملي تي مائيڪ پومپيو سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، مائڪ پوميو ۽ عمران خان وچ ۾ ٿيل اهڙي ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وري ڇڪتاڻ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه ان حوالي سان به افسوس ناڪ آهي ته پاڪستان پنهنجي بحرانن مان نڪرڻ لاءِ جهڙوڪر پر ساهي رهيو آهي ته مٿان وري هڪ نئين ڇڪتاڻ ڪر کنيو آهي.

افغانستان جي جنگ هن خطي جو هڪ وڏو الميو آهي جنهن جو جاني ۽ مالي نقصان خود افغان عوام سميت آمريڪا کي به برداشت ڪرڻو پيو آهي پر ان جنگ دوران پاڪستان جي سلامتي ۽ امن هميشه خطري ۾ رهيا آهن، جڏهن ته ان جنگ ۾ دهشتگردن پاران پاڪستان جي جاگرافيائي سرحدن اندر ڪيئي دهشتگرد حملن ۾ 70 هزار پاڪستاني شهري مارجي ويا آهن، جنهن ڪري لکين گهراڻا تباهه ۽ برباد ٿيا جڏهن ته دهشتگرديءَ سب متاثر هزارين ماڻهو اپاهجن واري زندگي گذاري رهيا آهن. افغان جنگ هڪ اهڙي جنگ آهي جنهن ۾ پاڪستان فقط پنهنجو بچاءُ ڪندو رهيو آهي ۽ سڌو سنئون جنگ جو متاثر رهيو آهي.

هاڻي دنيا ڪافي مٽجي وئي آهي تنهنڪري آمريڪا کي به حقيقت پسند ٿي سوچڻو پوندو، ۽ پاڪستان جي وفا ۽ لاڳاپن جي نتيجي ۾ بهتر موٽ مثبت نموني جواب ڏيڻو پوندو، تمام گهٽ ماڻهن کي اها ڳالهه معلوم هوندي ته 1960ع ۾ سويت يونين جيڪو يو- 2 جهاز ڪيرايو هو، جنهن کي گيري پاورز نالي آمريڪي پائليٽ اڏائي رهيو آهي، اهو پشاور جي ويجهو بڊابير ائيربيس تان اڏاڻو هو. اهو مرحلو پاڪستان لاءِ انتهائي نازڪ مرحلو هو جو ان وقت روس جي سربراهه خروشيف پاڪستان تي ايٽمي حملو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هُئي، جڏهن ته پاڪستان علائقي ۾ ڪيئي ڏهاڪن کان آمريڪي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو ۽ 1984ع کان افغان جنگ جي پڄاڻيءَ تائين پاڪستان آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا نڀائيندو رهيو آهي.

پر سوال هي آهي ته آمريڪا جو هر پاڪستاني حڪومت کان ”ڊو مور“ جو مطالبو ڪيتري قدر جائز آهي، آمريڪا جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن ملڪ يا قوم کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو ته کيس ئي ان قوم يا ملڪ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٽئين ملڪ کي پنهنجي جنگ ۾ شامل ڪري ۽ ان کي ايترو مجبوري ڪري جو پوءِ اها قوم ئي آمريڪا جي جنگ وڙهندي رهي ته اهڙو عمل ڪنهن به طور تي مناسب ناهي، پاڪستان 80ع جي ڏهاڪي کان وٺي هڪ بدترين جنگ جي ور چڙهيل آهي جنهن ڪري سڄي ملڪ جو امن امان، ترقي ۽ بقا خطري ۾ پئي رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ايتري بدترين ٿي وئي آهي جو جيڪڏهن ان کي نه سنڀاليو ويو ته پوءِ ان جا نتيجا پاڪستان لاءِ انتهائي نقصانڪار نڪرندا، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي هڪ اهڙو وزير اعظم مليو آهي جنهن مان عوام کي اها اميد ٿي پئي آهي ته هو ملڪ کي موجود بحرانن مان ڪڍندو، ۽ اهڙي نازڪ وقت ۾ وري آمريڪا سان هڪ غير ضروري مامري تي پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جهڙوڪر پاڪستان جي نئين حڪومت ۽ پاڪستان جي مستقبل لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي، جيڪڏهن آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پيدا ٿيل هاڻوڪي ڇڪتاڻ اڳتي وڌي ٿي ته پس و پيش ان سان پاڪستان کي ڪيئي نقصانن کي منهن ڏيڻو پوندو.

آمريڪا پاڪستان جي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي فوجي امداد روڪي ڇڏي

آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي ڇڪتاڻ جي هن نئين دور جي شروعات کانپوءِ آمريڪا 25 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي فوجي امداد کي روڪي ورتو آهي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته امداد کي دهشتگردن خلاف اثرائتا آپريشن ڪرڻ تائين روڪيو ويو آهي. اها امداد 1.1 ارب ڊالرن جي مدد واري پروگرام جو حصو آهي، ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات جو دارو مدار ڏکڻ ايشيا لاءِ نئين آمريڪي حڪمت عمليءَ جي حمايت ڪرڻ تي آهي. ان ڏس ۾ آمريڪي انتظاميه جي عهديدار چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميه پاڪستان جي تعاون جو جائزو وٺي رهي آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني صدر ” ٽرمپ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي“ جو اعلان ڪندي پاڪستان کان هڪ دفعو ٻيهر ڊومور جو مطالبو ڪندي چيو هو ته اسان پاڪستان کي هر سال ڪروڙين ڊالرن جي مالي امداد ڏيندا آهيون، هاڻي پاڪستان کي ملندڙ اهڙي سموري امداد پاڪستان ۾ دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي سان مشروط رهندي. آمريڪي صدر اهو به الزام لڳايو هو ته پاڪستان دهشتگردن کي پناهه مُهيا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا آهن، جنهن تي آمريڪا خاموش نه رهندو.

پاڪ-آمريڪا لاڳاپا انتهائي پيچيده آهن : وائٽ هائوس ترجمان

وائٽ هائوس جي ترجمان جوش ارنيسٽ آمريڪي صدر ڊولنڊ ٽرمپ جي صدارتي ذميواريون سنڀالڻ وقت هڪ ميديا بريفنگ ۾ چيو هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا انتهائي پيچيده آهن ۽ اميد ڪجي ٿي ته ٽرمپ حڪومت جي اچڻ کانپوءِ آمريڪا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان دهشتگرديءَ خلاف تعاون کي مضبوط ڪندي.

ارنيسٽ ٽرمپ جو اهو به چوڻ هو ته انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان ڪيئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا جيڪا ڳالهه ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي.

ارنيسٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته القاعده جو خطرو گهٽ ته ٿيو آهي پر ختم نه ٿيو آهي، تنهنڪري آمريڪي فوج محدود پيماني ۾ افغانستان ۾ رهندي، جيڪا دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندي رهندي.

پاڪستان طرف آمريڪا جو سخت رويو

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن متعلق، هاڻوڪي آمريڪي صدر ڊولنڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ مختلف آمريڪي اختيارين جيڪي بيان جاري ڪيا آهن جيڪڏهن انهن کي هڪ نظر ڏسجي ته سڄي صورتحال معلوم ٿي ويندي، ته آخر آمريڪا چاهي ڇا ٿو؟

21 آگست 2017

صدارتي عهدو سنڀالڻ  جي ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ صدر ٽرمپ پنهنجي ڏکڻ ايشيا متعلق خطاب ۾ صدر پاڪستان کي تنبيهه ڪندي چيو ته ، ” آمريڪا هاڻي پاڪستان ۾ قائم دهشتگردن جي پناهه گاهن واري معاملي تي وڌيڪ چپ نه رهندو“،

13 آڪٽوبر 2017

صدر ٽرمپ پاران آمريڪي ڪٽمب جوشوا بوائل، ڪيٽلين ڪولمين ۽ سندن ٽن ٻارن کي افغان طالبان جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ تي پاڪستان جي تعريف ڪئي، ان موقعي تي صدر ٽرمپ خطاب ڪندي چيو هو ته، ” اڄ هو آزاد آهن، اهو پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ مثبت لمحو آهي، آمريڪا باقي يرغمالين جي آزادي ۽ دهشت گردن خلاف ڪاررواين لاءِ پاڪستان کان اهڙي ئي نموني جي اميد رکي ٿو “.

9- نومبر 2017ع

افغانستان ۾ نيٽو جي قيادت ۾ موجود اتحادي فوج جي ڪمانڊر جنرل نڪولسن جو چوڻ هو ته ”صدر ٽرمپ جي افغانستان متعلق پاليسيءَ جي اعلان کانپوءِ به پاڪستان جي رويي ۾ ڪنهن به تبديلي جا آثار نظر نه ٿا اچن“

24- نومبر 2017

جماعت الدعوه جي اڳواڻ حافظ سعيد کي عدالتي حڪم تي نظر بند ڪرڻ واري عمل تي ردعمل جو اظهار ڪندي آمريڪا پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪجهه هن طرح سان ڪيو، ” لشڪر طيبه هڪ دهشت گرد تنظيم آهي ۽ پاڪستان حڪومت کي گهرجي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري“،

ان کانپوءِ آمريڪا جي دفاعي سيڪريٽري جنرل ميٽس پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري کان اڳ رونلڊ ريگن انسٽيٽيوٽ کي خطاب ڪندي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر مائڪ پومپيو  پاڪستان کان شدت پسندن خلاف ڪارروايون ڪرڻ لاءِ مطالبو ڪيو هو، ان جو اشارو حقاني نيٽ ورڪ طرف هو، هُن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، ” جيڪڏهن پاڪستان ائين نه ڪيو ته آمريڪا پاڻ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو”.

مٿي ذڪر ڪيل مختلف آمريڪا اختيارين جي خيالن مان اهو اندازو لڳائڻ بلڪل به مشڪل نه آهي ته آمريڪا جو رويو پاڪستان طرف ڪهڙو آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے