18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بچاءَ وارو ڏهاڙو: سياسي اڳواڻن جو شهيدن کي خراج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياسي اڳواڻن بچاءَ ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهيد جوانن کي خراج پيش ڪيو آهي. نئين چونڊيل صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر سپاهين ۽ شهيدن کي خراج پيش ڪيان ٿو، واعدو ٿو ڪيان ته سپورٽ ۽ دعائون انهن جي خاندانن سان گڏ رهنديون. سندس چوڻ هو ته هي ڏينهن اسان لاءِ ٻڌي ۽ هڪجهتي جي بهترين عڪاسي آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون حاصل ڪيون آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي شهيد ڪيپٽن عمر زيب جي گهر پهچي سندس پيءُ سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جي قربانين سبب ئي اڄ اسان محفوظ آهيون. ڪيپٽن عمر زيب 2009ع ۾ لوئر دير ۾ شهادت ماڻي هئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ شهيدن کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته وطن جي بچاءَ خاطر شهادتون ماڻيندڙ اسان جا هيرو آهن، کين سدائين ياد رکيو ويندو. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته قوم 1965 واري جنگ جهڙو جذبو برقرار رکي، عسڪريت ۽ انتها پسند قوم جا دشمن آهن، قوم وطن خاطر قربانيون ڏيندڙن کي خراج پيش ڪري ٿي. جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق جو چوڻ هو ته قوم پاڪ وطن جي بچاءَ خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، سرحدن جي حفاظت لاءِ حياتيون ڏيندڙ قوم جا محسن آهن. ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جو پنهنجي پيغام ۾ چوڻ هو ته اڄوڪي ڏينهن تي شهيدن ۽ غازين کي سلام، جن جو رت اسان جي آزادي جي ضمانت آهي. خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪ فوج دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو، آزاديءَ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، دشمن ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيدن ۽ غازين جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيان ٿو، نئين پاڪستان ۾ سڄي قوم نئين جوش ۽ جذبي سان بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏينهن ملهائي رهي آهي. بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر جو ڏينهن وڏي اهميت رکي ٿو، 1965ع ۾ دمشن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي تاريخ لکي وئي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو ته قوم اڄ به متحد ۽ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيمن جي تعمير بابت سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے