25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |گمبٽ: نوجوانن پاران بچاءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب، شهيدن کي ڀيٽا

گمبٽ جي نوجوانن پاران بچاءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي  ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

نوجوانن  عطا حسين لاکو، سيد صدام حسين شاه، اويس کهڙو ۽ ٻين پاران پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا ويا .

ان موقعي تي نوجوانن ٻڌايو ته کين پاڪستان جي فوج تي فخر آهي شهيد فوجي جوانن جان جا نذرانه ڏئي ملڪ جو دفاع ڪيو آهي…..

 

*نوابشاھه ۾ بچاءُ ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي 6 سيپٽمبر جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ايس ايس پي راءِ اعجاز  جي اڳواڻي ۾ شيراز چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾شاگردن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته شهري اتحاد  جي اڳواڻن پڻ وڏي ۾ ريلي ۾ شامل هئا.

ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ٻڌايو ته پاڪ فوجي جي جوانن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن.

ان موقعي تي پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي وچن ڪيو ويو ته ملڪ ۽ جان جي حفاظت لاءِ جانين جا نذرانه به پيش ڪيا ويندا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے