19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ فرزانا جمالي کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ گهري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عدالت جي معزز چيف جسٽس شاگردياڻي فرزانا جمالي کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس ”عوامي آواز“ اخبار جي خبر تي نوٽيس وٺندي سيشن جج شهيد بينظير آباد، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. حڪم ڏنو ويو آهي ته لاڳاپيل اختياريون ٽن ڏينهن ۾ ان معاملي جي رپورٽ پيش ڪن. واضح رهي ته ٻه سيپٽمبر تي ايس بي بي يو نوابشاهه جي انگلش شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي فرزانا جمالي چيو هو ته هڪ پروفيسر مون کي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هراسان ڪري رهيو آهي. ان معاملي جو وڏي وزير پڻ نوٽيس وٺندي هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے