26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو آدم: بچاءُ واري ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف تقريبون، 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

ٽنڊي آدم ۾ دفاع جي ڏهاڙي کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، هر طرف پاڪستان زندھ باد، پاڪ فوج زندھ باد جي نعرن جي   گونج ۾ تقريبون ۽ ريليون جاري آهن.

گورنمنٽ شاھ عبداللطيف هاءِ اسڪول ۾ تقريب  ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عدنان رشيد ، ميونسپل ڪميٽي ٽنڊي آدم جي چيئرمين مسرور احسن غوري ، اي ايس پي احسن جاويد ڀٽي  جي اڳواڻي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو .

ان موقعي تي ٽي اي او هائير سيڪنڊري اسڪولز رفيق ٻجورو ، ٽي اي او پرائمري ٽنڊو آدم محمد بخش خاصخيلي ، ٽي اي او پرائمري ٽنڊو آدم في ميل شمع قمبراڻي سميت استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  اڄ پاڪستان جي تاريخ جو عظيم ڏينهن آهي  پاڪ فوج جون پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون آهن

هنن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي وطن جي خاطر  لاءِ ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجن جانين جا نظرانا پيش ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے