25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |لاڙڪاڻو: سني تحريڪ طرفان بچاءَ جي ڏهاڙي تي شاندار ريلي، سوين ماڻهن جي شرڪت

لاڙڪاڻي ۾ سني تحريڪ طرفان پاڪستان جي بچاءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

ريلي سادات مسجد کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن طرفان پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده آباد  جا نعرا هنياويا.

ان موقعي تي علي نواز قاسمي، شمس الدين سروهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 1965 جي جنگ ۾ پاڪ فوج  دشمن کي بدترين شڪست ڏني .

هنن چيو ته هو پاڪ فوجي جي شهيدن ۽ غازين کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪن ٿا.

هنن وچن ورجايو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ جانين جا نذرانه پيش ڪرڻ کان نه ڪيٻايو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے