22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مورو: سھڙا ليٽ مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن جو ٻئي ڏينھن به احتجاج

Moro: Protest by miners on even second day*موري  ۾سھڙا ليٽ مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن ٻئي ڏينھن به   احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي.

 آبادگارن خير محمد عالماڻي، محراب عالماڻي، علي نواز عالماڻي، علي اڪبر سنگراھ، وڪيل محمد سليم رضا ڀنگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي آبادگارن خطاب ڪندي چيو ته 25 سالن کان زمينون پاڻي نه ملڻ ڪري غير آباد لڳيون پيون آھن  جنهن ڪري علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي .

 هنن ٻڌايو ته سندن زمينون ويران ٿي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي جنهن ڪري هو سخت پريشان آهن .

 هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته کين ترت زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے