25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ملڪ لاءِ جان به حاضر آهي، فنڪارن پاران 6 سپٽمبر جي شهيدن کي خراج تحسين پيش

Life is also present for the country, artists submit tribute to the 6 th Septemberلاهور(شوبز نيوز) فنڪارن 6 سپٽمبر جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ملڪي بچاءَ لاءِ جان به حاضر آهي. 6 سپٽمبر 1965 جو تاريخي ڏينهن اڄ به پوري قوم کي ياد آهي، اسان جي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن جهڙي طرح پنهنجون قيميتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، ان تي پوري قوم کي فخر آهي. اڄ ان کي سال نه پر ڪيترائي ڏهاڪا گذري ويا آهن پر پوءِ به شهيدن جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جنهن طرح زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ بچاءِ وارو ڏهاڙو ملهائيندا آهن. اهڙي طرح شوبز سان لاڳاپيل فنڪار پڻ شهيدن جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن ۽ ان حوالي سان منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت ڪندا آهن.ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر اداڪار مصطفيٰ قريشي، غلام محي الدين، مديحه شاهه، زارا شيخ، ولي حامد علي خان ۽ ريجا علي چيو آهي ته دشمن فوج جڏهن سرحد پار ڪندي پنهنجي ناپاڪ ارادا ڏيکاريا ته پاڪ فوج جي جوانن کين ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو. هڪ پاسي هوائي حملا جاري هئا ته ٻئي پاسي گهري سمنڊ ۾ پاڪ سامونڊي فوج جا جوان سرحد جي حفاظت ڪرڻ  ۾ رڌل هئا. اهو ئي نه وڏي فوج جي دستن سرحدن جي چئني پاسن کان محفوظ رکڻ لاءِ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي جو دشمن کي واپس موٽڻ تي مجبور ڪري وڌو. هنن چيو ته تاريخ شاهد آهي جهڙي طرح پاڪستان جي فوج ڀارت فوج کي نقصان پهچايو ۽ انهن جي فوجين کي قيدي بڻايو، ان سان سڄي دنيا دنگ رهجي وئي، اهو اسان جي جوانن جو جذبو ئي هو ۽ ان سان گڏوگڏ عام شهرين پڻ پاڪستاني فوج جي قرباني تي جيڪو عزم ڏيکاريون ان کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.فنڪارن وڌيڪ چيو ته اڄ جيڪڏهن اسان هڪ آزاد ۽ پُرامن ملڪ ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون ته اهو  رڳو پاڪ فوج جي  قربانين جو نتيجو آهي. تنهن ڪري اسان 6 سپٽمبر جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے