23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: خيرپور: نوجوان جو احتجاج، کيس زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

Khairpur: Young man protest, Suspects that injure him escaped*خيرپور ۾ نوجوان دانهيو آهي ته کيس فائرنگ ڪري زخمي ڪندڙ جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

نوجوان مهدي رضا عباسي ٻڌايو ته کهڙا شهر ۾ سندس سالي امداد عباسي ۽ ٻه اڻ ڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن ڪري سندس ٻئي ڄنگهون ضايع ٿي چڪيون آهن.

هن ٻڌايو ته  امداد عباسي، اشتياق عباسي ۽ هڪ نامعلوم هٿياربند خلاف کهڙا ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهي پر پوليس  پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي.

هن چيو ته ايف آءِ آر داخل هجڻ باوجود جوابدار عام شهرين جيان گهمي رهيا آهن پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

هن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے