23 آچر , سيپٽمبر 2018

افعان پناهگير ٻارن بابت ماهرا خان جي پوسٽ تي ورون ڌون جو خوبصورت تبصرو

Beautiful stories on the post of Khosa Khan's post about Afhan-e-Safarbad childrenڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ فيشن آئيڪون ماهرا خان گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري(ايو اين ايڇ سي آر) لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ويجهڙائي ۾ ڪراچي ۾ افغان پناهگير ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ان دوري جي تصوير انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي. ماهرا خان ٻن ٻارن جي ڪهاڻي پڻ شيئر ڪئي، جن سان هو ڪيمپ تي ملي هئي. ادڪارا لکيو ته هي ٻئي ٻار سمورو وقت مون سان گڏ رهيا، هنن منهنجي ڪا به فلم ناهي ڏٺي پر هو ان ڳالهه تي اصرار ڪندا رهيا ته هو ڪنهن راجا کي سڃاڻين ٿا. هنن ٻڌايو ته ”راجا هيرو آهي! اسان سوچيندا رهياسين  آخرڪار هي ٻارڙا ڪنهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، آخرڪار هنن ورون ڌون جي هڪ فلم جو گيت ڳايو. ماهرا موجب انهن ٻارڙن ٻڌايو ته هو ان(ورون ڌون) جيان بڻجڻ چاهن ٿا، جنهن تي مان کين چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن توهان به ضرور ان جيان بڻجندا. ماهرا جي اها پوسٽ ورون ڌون جي نظر مان پڻ گذري ۽ هن فوري طور ان تي جواب ڏنو. بالي ووڊ اداڪار لکيو ته ماهرا خان توهان جيڪو ڪم ڪري رهيون آهيو، هو زبردست آهي، مان ويڊيو ڏٺي آهي، جنهن منهنجي چهري تي مسڪراهٽ وکيري ڇڏي آهي. منهنجي طرفان تمام گهڻو پيار ۽ شيئر ڪرڻ جي مهرباني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے