24 سومر , سيپٽمبر 2018

يمن جنگ بابت بيان: سعودي بادشاهه جي ڀاءُ طرفان اختلافن جي ترديد

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي بادشاهه شاهه سلمان جي ڀاءُ شهزادي احمد بن عبدالعزيز  السعود يمن جنگ  بابت شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان اختلافن جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي. احمد بن عبدالعزيز السعود پنهنجي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مظاهرين بابت سندس ڳالهين جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي.  سعودي عرب جي سرڪاري پريس ايجنسي پاران جاري ڪيل بيان ۾ شهزاد احمد شاهي خاندان ۾ اختلافن جي ڳالهين کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته مان اهو واضح ڪيو هو ته سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد رياست ۽ ان جي فيصلن جا ذميوار آهن. سندس وضاحت کانپوءِ سعودي شاهي ميمبرن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شهزدي احمد طرفان شاهه سلمان جي هٿ تان چمي وٺڻ جي تصوير پوسٽ ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے