26 اربع , سيپٽمبر 2018

شعيب اختر پي سي بي چيئرمين جي صلاحڪار واري عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي

Shuib Akhtar resigned from the advice of the PCB chairmanلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر پي سي بي چيئرمين جي صلاحڪار واري عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. شعيب اختر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي استعفيٰ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته مان پي سي بي چيئرمين جي صلاحڪار واري عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن کي فوري طور منظور ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي شعيب اختر کي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو هو. نئين حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ بعد نجم سيٺي پي سي بي چيئرمين جي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن بعد سندس جاءِ تي احسان ماني کي مقرر ڪيو ويو. فاسٽ بالر شعيب اختر قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي طرفان 46 ٽيسٽ، 163 ون ڊي ۽ 15 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي. هن  ٽيسٽ ۾ 178، ون ڊي ۾ 247 ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 19 وڪيٽون حاصل ڪيون

هي به ڏسي سگهو ٿا

File of Umar Akmal case is not closed, the test continues: Elx Martial

فڪسنگ جو انڪشاف، عمر اڪمل ڪيس جي فائيل بند ناهي ٿي،  جاچ جاري آهي: ايلڪس مارشل

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي مئچ فڪسنگ جي آڇ ٿيڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے