22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي سپريم ڪورٽ هم جنس پرستي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ 2013ع ۾ ڏنل پنهنجي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي هم جنس پرستي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني اتفاق سان فيصلو ڏيندي هم جنس پرستي کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ جي قانوني شق 377 کي ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد ملڪ ۾ هاڻي هم جنس پرستي ڏوهه نه هوندو. ڀارتي چيف جسٽس ديپڪ مشرا فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هم جنس پرستن کي عام شهرين جهڙا حق آهن،هڪ ٻئي جي حقن جو احترام ڪرڻ اعليٰ ترين انسانيت آهي.  سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته هم جنس پرستي خلاف قانوني شق 377 غير معقول ۽ ظالماڻي آهي، ڪو به شخص پنهنجي ذات سبب اڪيلو نه ٿو ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته وقت جي گهرجن موجب قانون جي وڌيڪ تشريح ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے