19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري جا مثال دنيا قائم رهڻ تائين ياد رکيا ويندا: عثمان بوزدار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته  عالمي تاريخ پاڪ فوج جي عظيم دليري جو مثال پيش ڪرڻ کان لاچار آهي، پاڪ فوج جي جرئت ۽ دليري جا شاندار مثال دنيا قائم رهڻ تائين ياد رکيا ويندا. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار بچاءَ ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر تي ملڪ جي بچاءَ جي جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ سموري قوم دشمن سامهون لوهي ديوار ثابت ٿي، ملڪ جي بچاءَ لاءِ پنهنجون قيمتي جانيون پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا، پاڪ فوج ملڪ جي دفاع جنگ ۾ جرئت ۽ بهادري جا مثال قائم ڪيا آهن، نئين پاڪستان ۾ قوم هڪ نئين  جوش ۽ ولولي سان بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي.  هن چيو ته پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادريءَ جو اهو شاندار مثال دنيا قائم رهڻ تائين ياد رکيو ويندو پر تاريخ  پاڪ فوج جي عظيم دليري جو مثال پيش ڪرڻ کان قاصر آهي. عثمان بوزدار چيو ته پاڪ فوج پاڪستان تي اڳرائي ڪندڙ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، 6 سيپٽمبر پاڪستان وفا جي عزم کي ياد ڪرڻ ۽ عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے