23 آچر , سيپٽمبر 2018

جاپان جي ٻيٽ هوڪائيڊو ۾ زلزلي جا لوڏا، 10 ڄڻا زخمي

Earthquake lobbies, 10 injured in Japan's Japan's Hutongo riverٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) هوڪائيڊو ٻيٽ ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب جاپان جي ٻيٽ هوڪائيڊو ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 7 ريڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو مرڪز هوڪائيڊو کان 68 ڪلوميٽر ڏور هو. زلزلي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جاپاني ميڊيا موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو، بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي جڏهن ته زلزلي سبب لينڊ سلائيڊنگ ٿيڻ ڪري ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا. جڏهن ته امدادي ڪاروائيون جاري آهن، زخمي ٿيندڙ 10 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. واضح رهي ته جاپان کي 25ورهين جي سڀ کان ڀوائتي طوفان کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٽائيفون نالي طوفان تباهي مچائي ڏني آهي ۽ مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته زخمين جو انگ 160 آهي. ان سلسلي کان سواءِ جاپان ۾ هلندڙ سال جولائي ۾ موتمار هيٽ ويو بعد برساتن، ٻوڏن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے