18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايران رويو تبديل ڪري، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: ٽرمپ

Iran is changing the way, negotiations are ready: Trumpوشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران لاءِ هاڻ به ڳالهين دروازا  کليل آهن پر ڳالهه ٻولهه جو دارومدار ايران تي آهي. واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هوته ايران هن وقت ملڪ جي حيثيت ۾ پاڻ پنهنجي بقا لاءِ  ڪافي ڳڻتي ۾ آهي، جڏهن مان صدر بڻيو هئس ان جي مقابلي ۾ ايران اڄ هڪ بنهه مختلف ملڪ آهي پر ڏسون ٿا ته ايران سان ڇا ٿو ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته ايران اسان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو يا نه، ان ڳالهه جو دارمدار نه ايران تي آهي نه آمريڪا تي، اسان اڄ به ايران سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر ايران کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو. صحافي جي سوال تي ته ڇا گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس دوران ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ٿي سگهي ٿي، ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته بلڪل ائين ٿي سگهي ٿو، هتي سڀ ڪجهه ممڪن آهي ۽ ايران هاڻ به ڳالهين جا دروازا کليل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …