21 جمعو , سيپٽمبر 2018

موسمياتي تبديلين جو ازالو ڪرڻ سان عالمي معيشت کي 26 ٽريلين ڊالرن جو فائدو ٿيندو: ماهر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) عالمي موسمياتي تبديلين جي ماهرن ۽ معاشييات دانن هڪ گڏيل سروي بعد چيو آهي ته جيڪڏهن تيزي سان بدلجندڙ ۽ موسمياتي تبديلين جي نقصانن جو پورائي لاءِ بهتر قدم کنيا وڃن ته  2030 تائين سڄي دنيا جي معيشت کي 26 ٽريلين ڊالرن جو مالي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو.ٻين لفظن ۾ عالمي معيشت کي ٿيندڙ امڪاني فائدو، پاڪستان جهڙن 83 ملڪن جي معاشي ڪاٿي جيترو هوندو.(اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب، پاڪستاني معيشت جو موجودا ڪاٿو313.3 بلين ڊالر يا0.3133 ٽريلين ڊالر ٿي چڪو آهي.) موسمياتي تبديلين ۽ معيشت تي ٺهندڙ عالمي ڪميشن جي ماهرن طرفان ويجهڙائي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب معاشي فائدا حاصل ڪرڻ ۾ سڀ کان اهم هدف” گهٽ ترين ڪاربن“ جي خارج  ٿيڻ کي سر فهرست رکيو ويو آهي جنهن کي ماضي ۾ نظر انداز ڪيو ويوهو. سولن لفظن ۾ ان جو مطلب اهو ٿيو ته هوا ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جو اخراج ٿيڻ کي گهٽ ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته اهوعالمي تپش(گلوبل وارمنگ) جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ماهرن موجب هوا ۾ ڪاربن جي روڪٿام سان 2030 تائين ان سان لاڳاپيل ڪروڙين نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ هر سال ست لک انساني حياتون بچائي سگهجن ٿيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين ۾ تبديلي جي حل واري منصوبي تي عمل ناهي ٿي رهيو ڇاڪاڻ ته بااثر پاليسي ساز ان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ سنجيدگي نه پيا ڏيکارين. ڪميشن جي شريڪ چيئرمين ۽ نائجيريا جي معاشيات جي اڳوڻي وزير نگوزي اوڪونجو آئي ويلا ٻڌايو ته حاصل ڪيو يا کوٽڻ جو وقت اچي چڪو آهي ۽ پاليسي جوڙيندڙن کي ان بريڪ تان پنهنجا پير هٽائڻا پوندا. سڄي دنيا ۾ نيون نوڪريون، معاشي بچت، مارڪيٽ جا موقعا ۽ عوامي ڀلائي جا حقيقي فائدا اسان جي سامهون اچي چڪا آهن. ماهرن هن اهم تبديلي لاءِ 5 اهم نڪتن تي زور ڏنو آهي جن ۾ شهري منصوباندي، صاف توانائي، فائديمند ۽ پائيدار زراعت، پاڻي جو ذهانت سان ڀرپور انتظام ۽ ڪاربن جزب ڪرڻ وارين صنعتن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي. پر انهن مان فائدا رڳو اُن وقت حاصل ٿي سگهن ٿا جڏهن سڄي دنيا ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ انهن نڪتن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري، اسان طرفان ڪيل اڄ جو فيصلو ڏهاڪن جي نتيجن تي اثرانداز ٿيندو. حڪومتن کي 2020 تائين ڪاربن ٽيڪس کي لاڳو ڪرڻ جي سفارش سان گڏوگڏ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ خارج ڪندڙ وڏن ادارن کان لازمي پڇاڻو ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڪاربن جي خارج جي باري ۾ درست انگ اکر پيش ڪري سگهن. رپورٽ ۾ پائيدار ۽ ماحول دوست انفراسٽرڪچر، شهرن جي بهتر منصوباندي، جهنگلن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين ڪمن تي زور ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے