19 اربع , سيپٽمبر 2018

نئون صدر ۽ منجهانئس اميدون

سچ پچ اسان جو ملڪ دنيا جي ترقي ڏانهن ويندڙ ملڪن جي پيروي ڪندي ترقيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي، اها ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي.

دنيا جا اهي سڀ ملڪ جيڪي اڄ ترقي يافته سمجهيا وڃن ٿا اهي به ڪڏهن اسان جي ملڪ وانگر ترقي پذير يعني ترقين ڏانهن وڌندڙ هئا ۽ اڄ اهي پنهنجي ترقيءَ جون منزلون لتاڙي پنهنجي ماڳ تي رسيا آهن، اهڙي ماڳ تائين رسڻ ۾ پڪ سمجهڻ گهرجي جنهن عمل جي سخت ضرورت هوندي آهي، اهو آهي جمهوري عمل.

جن جن ملڪن معاشي ترقيءَ جي آسمان کي ڇهيو آهي، انهن سڀ کان اول پنهنجن ملڪن ۾ جمهوري روايتون پختيون ڪيون آهن جنهن سبب ئي انهن ملڪن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي.

شايد انهن ئي عملن مان سکندي اسان جي ملڪ جي حاڪمن اهو سمجهي ورتو آهي ته ڪنهن به سٺي عمل لاءِ ضروري آهي ته جمهوري رويو اختيار ڪيو وڃي ته منزل آسان ٿي وڃي ٿي، جنهن جو مثال اسان جي ملڪ ۾ تازي جمهوري طريقي سان ٿيل صدارتي چونڊ آهي ايئن چيو ويو آهي.

ٻيءَ طرح ڏٺو وڃي ته نئين صديءَ جي گذريل ڏهاڪي ۽ هلندڙ ڏهاڪي ۾ اسان جي ملڪ ۾ جمهوري روايتن جو جيڪو بنياد پيو آهي، اهو پنهنجون پاڙون پختيون ڪري رهيو آهي جنهن جو مثال گذريل ٻه حڪومتون ۽ تازو چونڊيل پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي.

انهن ئي روايتن هيٺ چار سيپٽمبر تي هن ملڪ جي صدارتي چونڊ ٿي گذري آهي.

جيتوڻيڪ جمهوري پارلياماني نظامن ۾ عوام پاران چونڊجي آيل نمائنده اهميت رکندا آهن ۽ اهي ئي پنهنجي ملڪ جي نظام هلائڻ لاءِ پارليامينٽ مان پنهنجو وزيراعظم چونڊيندا آهن جنهن جي حيثيت بهرحال اهميت واري هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو عوام پاران چونڊيل عوام جو نمائندو هوندو آهي ساڳي طرح ملڪ /رياست جي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ڪنهن به ملڪ جو صدر نهايت اهم ڄاتو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀلي هو به عوام جي چونڊيل نمائندن جو ئي چونڊيل هوندو آهي پر هو ملڪ/رياست جو نمائندو هوندو آهي جڏههن به ڪي ملڪ/ رياست جي مفادن جا مسئلا هوندا آهن ته انهن کي حل ڪرڻ ملڪ/رياست جي صدر جو ڪم هوندو آهي.

ملڪ ۾ جمهوري روين جي جڙڻ سان اهو فائدو ٿيو آهي ته جيڪي به پارٽيون عوام مان چونڊجي حڪمران بڻيون آهن انهن ئي جمهوري طريقي سان پنهنجا  صدر به چونڊرايا آهن، جمهوريت جو اهو به فائدو ٿيو آهي ته سدائين ٻه پارٽيون ئي حڪمران رهنديون آيو آهن، هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو پي ٽي آءِ جيڪا سياست ۾ نئين پارٽيءَ طور شامل آهي اها حمران بڻي آهي ۽ ان جو ئي نمائندو ملڪ جو تيرهون صدر بڻيو آهي، جنهن جو نالو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي.

هو جمهوري طريقي سان پنهنجي سامهون بيٺل ٻن صدارتي اميدوارن کان گهڻا ووٽ کڻي ملڪ جو صدر بڻيو آهي، سٺي اها آهي ته هن پهرين پريس ڪانفرنس ۾ ئي هڪ وڻندڙ ڳالهه ڪئي آهي ته هو پارٽيءَ جو صدر نه آهي پر هاڻ هن ملڪ جو صدر آهي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ هر شخص هن لاءِ هڪ جهڙو اهميت ڀريو آهي.

ڪنهن ملڪ/رياست جي صدر لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هو رياست ۾ رهندڙ هر شخص کي هڪ جهڙو سمجهي ان جي خدمت ڪري. ساڳي طرح ڪنهن به ان رياست جنهن ۾ گهڻيون تهذيبون، ثقافتون، وطن ۽ ٻوليون رکندڙ ماڻهو رهن ٿا، انهن جي هڪ جهڙي خدمت ڪري، جمهوريت جي ان فقري جوئي فائدو وٺندي اسان هن ملڪ جي چونڊيل صدر جناب ڊاڪٽر عارف علوي کي مبارڪ به ڏيون ٿا ۽ پنهنجي حصي سنڌ جي ڪن تڪليفن جي دور ڪرڻ جي گذارش به ڪريون ٿا ته منجهانئس اميدون به رکون ٿا.

جناب صدر صاحب جيئن ته پاڻ به سنڌ سان تعلق رکي ٿو ان ڪري کيس سنڌ جي مڙني تڪليفن جي ۽ گهرجن جي خبر هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هو پاڻ پنهنجي پارٽيءَ جي فورم تان انهن ئي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي.

واضع رهي ته اسان جڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اها ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ليکيون ٿا، ڇو ته فقط ڪراچي سنڌ نه آهي اها ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ سنڌ جي راڄڌاني ضرور آهي، پر اها سنڌ جو حصو آهي مڪمل سنڌ نه آهي، تنهن ڪري جڏهن ڪو به حڪمران ڪراچيءَ جي مسئلن کي سنڌ جا مسئلا ڪري کڻي ٿو ته اهو ٺيڪ نه آهي، ٺيڪ اهو آهي ته سنڌ جا سموري جاگرافيائي دائري ۾ ايندڙ جيڪي به مسئلا آهن، اهي ضرور حل ٿيڻ کپن، ظاهر آهي انهن جي حل ٿيڻ ۾ وقت لڳندو پر حڪمران پارٽي ۽ ان جو نمائندو ملڪ جو چونڊيل صدر جيڪڏهن سنڌ جي مسئلن ۾ دلچسپي نه وٺندو ته ٻيو ڪير وٺندو؟ ان ڪري اسان سنڌ جا نمائندا کانئس اميد ڪريون ٿا ته هو سنڌ جي مسئلن بابت ڪي سنجيده حل ڪڍندو.

سنڌ ۽ بلوچستان هن ملڪ ۾ سدائين نظرانداز ٿيندا رهيا آهن ۽ اهڙو اظهار به ڪندا رهيا آهن، هيءُ وقت آهي جو ملڪ جو وزيراعظم ۽ صدر هڪ ئي پارٽيءَ جا آهن ۽ پاڻ به اهڙو اظهار ڪندا رهيا آهن ته ملڪ جي ماڻهن کي ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون، هو جيڪڏهن اسان جي گُهرن ڏانهن ڌيان نه ڏئي رڳو پنهنجي ڪيل واعدن تي پورا لهندا تڏهن به هو ملڪ کي گهڻو ڪجهه ڏئي ويندا ۽ پڪ سان انهن سڀني ماڻهن جي اميدن تي پورا لهندا، جن منجهن اميدون رکي کين ملڪ جو حڪمران چونڊيو آهي، هاڻ اسين سڀ هن ملڪ جي ماڻهن ۾ شامل آهيون ۽ اسان جو فرض آهي ته پنهنجي حڪمرانن کان ڪجهه طلبيون اهو سڀ جيڪو سنڌ جي ضرورت آهي سنڌ جنهن ۾ ڪراچي به آهي حيدرآباد به آهي ته سکر به آهي.

ان ڪري اسان ملڪ جي صدر صاحب مان اهڙي اميد رکون ٿا ته هو ملڪ جي سموري عوام جو خدمتگار بڻبو. جن ۾ سنڌ جو عوام به آهي.

خميس 6 سيپٽمبر  2018ع، 25 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے