19 اربع , سيپٽمبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

مواليءَ اڄ اوطاق کي پاڪستان جي جهنڊين سان سينگاريندي، موبائل تي ملي نغما وڄائيندي، سنگت کي چانهه پاڻي ڪرائيندي، ٺاهوڪي تقرير پاڪستان تي هن طرح پيش ڪئي ”ڀائرو… اڄ 6 سيپٽمبر جي ڏينهن پاڻ کي وڏي ۾ وڏي خوشي ملهائڻ گهرجي، جو ان ڏينهن تي اسان جي فوج پنهنجي صلاحيتن سان ۽ ايمان جي طاقت سان ڪفار تي فتح حاصل ڪئي، ۽ هندستان کي ايڏو وڏو ملڪ هوندي به پاڪستاني فوج اهڙيون اکيون ڏيکاريون جو ان کان پوءِ انڊيا سدائين بارڊرن تي ڇيڙخاني جاري رکيو اچي، ۽ ڪشميري مجاهدن کي، پرامن شهرين کي جهڙپن ذريعي سڄو سال شهيد ڪندو رهي ٿو، ۽ هندستان وٽ هاڻ پنهنجي عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ پاڪستان دشمني جو بهانو وڃي بچيو آهي، ڇو ته انڊيا ڀلي ايٽمي ملڪ هجي، اسان کان وڌيڪ فوج هجيس، سائيز ۾ به اسان جي ملڪ کان وڏو ملڪ آهي، پر اسان جي فوج وٽ هن وقت 1965 کان وڌيڪ جديد ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي موجود آهي، ۽ اسان جي آءِ ايس آءِ جون صلاحيتون دنيا جي سروي موجب نمبر ون تي آهن، ۽ دنيا ڏٺو ته راحيل شريف جي دور ۾ ۽ موجوده چيف صاحب جي دور ۾ وڏي دهشتگردي وڏي ختم ڪئي ويئي آهي، باقي هڪ اڌ جهڙپون جاري رکڻ انڊيا جي به مجبوري آهي، پر ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستاني فوج ۽ عوام ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏيارڻ تائين هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جي فيصلن مطابق ڪشمير کي آزادي جا حق ملڻ گهرجن، ۽ هنن کي پاڻ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو آزاد ڪشمير سان گڏ رهڻ ٿا چاهين يا پنهنجي الڳ حيثيت ۾ رهڻ ٿا چاهين.

جهوني جوڳيءَ چيو ته ”ادا… اڄ انهن شهيدن جي وارثن سان ملڻ ۽ شهيدن جي مزارن تي وڃي گل وجهڻ جو ڏينهن آهي ۽ هر هنڌ قومي ترانا ۽ فوج جي شهيد جوانن جا قصا پيا هلن، ٻئي پاسي موالي… اهو تو وارو آصف زرداري جيڪو ماٺ ۾ ٿو مارين، سو زرداري جي ماٺ گهڻن کي ڀونڪڻ کان بس ڪرائي ڇڏيو آهي، ۽ اها سندس صبر واري حڪمت عملي ئي هن وقت ۾ ملڪ جي لاءِ بهتر آهي، ۽ جنهن طريقي سان هن تحريڪ انصاف سان سڌي طرح سينيٽ ۾، اڻ سڌي طرح صدارتي چونڊ ۾ جيڪا مدد ڪئي آهي، ان جي موٽ ۾ ادارن وٽ ايندڙ دور لاءِ وزيراعظم پاڪستان بلاول ڀٽو زرداري آهي، ان جي لاءِ راهون آسان ڪيون ويون آهن، جيئن هنن پنجن سالن ۾ هو وري نئون ليڊر ۽ ايندڙ دور جو وزيراعظم ٿي سگهي.

ادارا انهن ماڻهن مان ئي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ماڻهو منتخب ڪري، ان جي تربيت مختلف مرحلن سان ڪندا رهندا آهن، جن ۾ جيل وڃڻ، لٺيون کائڻ، ۽ ٽي وي تي مخالفاڻو پروگرام هلرائڻ به ادارن جي هنرمندي آهي، جنهن هنر سان هو ملڪ ۾ سياستدان ۽ اڳواڻ تيار ڪري اسيمبلي ۾ پهچائيندا آهن، ان ڪري ئي سينئر سياستدان آصف زرداري سان هر طرح جو تعاون ڪري، ملڪ مان بدامني ۽ نفرت جي سياست کي ختم ڪري، جمهوري ادارن کي اصولن تحت قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪيتريون قربانيون ڏيئي رهيو آهي، پر سڄي ملڪ کي خبر آهي ته سندس ساٿي ۽ پاڻ وڏن مقدمن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، پر چيف جسٽس جي شرجيل واري ڇاپي تي جڏهن صحافيءَ سوال ڪيس ته توهان جو ڇا رد عمل آهي…؟؟؟ شرجيل تي ڇاپو لڳو، ان متعلق توهان ڇا چوندئو…؟؟؟، هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ چيف جسٽس ڇاپا هڻن، اتي ڇا ٿو چئي سگهجي، پر ليبارٽري رپورٽ شرجيل جي حق ۾ اچڻ کان پوءِ چيف جسٽس جو اهو چوڻ ته رپورٽ بدلائڻ واري حرڪت ٿي سگهي ٿي، پر جانچ ڪنداسين، يعني زرداري صاحب جا ڇاپن دوران پڪڙجندڙ ساٿي به اهي ڄاڻن ٿا ته پاڻ کي ڪيئن بچائجي…؟؟؟، اهڙي طرح جيڪو سياسي ڪردار زرداري صاحب جو آهي، اهو هنن موجوده سياستدانن لاءِ هڪ استاد جي حيثيت جو آهي، ۽ جيڪي به سياستدان موجود آهن، اهي ڏسن پيا ته ڏهه سال ن ليگ لاڳيتو پيپلز پارٽي ۽ آصف زرداري تي تنقيد ڪئي ۽ گارگند ڪندا رهيا، پر هن وقت ۾ جيڪا اصولي سياست آصف زرداريءَ ايوانن ۾ ڪري ڏيکاري، اهو سياست سکندڙن لاءِ هڪ سهڻو سبق آهي.

تڏهن ڪامريڊ سليم چيو ته ”جهونو جوڳي سچ ٿو چوي ته اسان جي ايم ڪيو ايم وارن جو به دماغ خراب هو، پر ادارن جي گهاڙيٽي ۾ گهڙجي، وري اقتدار جي ريلي ۾ وهڻ ۾ ڪو مهڻو ڪونهي، ان ڪري اهي به موجوده اقتدار جو حصو بنجي، پنهنجي ٻيهر بحاليءَ جو تعاون ادارن کان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، يا ادارا به ائين ئي چاهين ٿا ته سڀ گڏجي هلن، ملڪ نازڪ دور ۾ آهي، فوج هر محاذ تي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جي جدوجهد ڪري رهي آهي، اسان کي پنهنجي انهن ادارن جي انهن سوچن جو ساٿ ڏيڻو آهي، پوءِ هو ڀلي ڪرڪيٽر کي وزيراعظم بنائين، يا تبديلي جو گانو ڳائڻ واري کي گورنر بنائين، پر ملڪ جي امن و امان، خوشحالي ۽ آمريڪي ڳجهن ۽ ظاهري حملن کي، پنهنجي دفاعي ۽ ٻين صلاحيتن سان پاڻ کي بچائي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ته اهو تبديلي جو دور نئين پاڪستان جو دور هوندو، حالانڪه پهريون پاڪستان جنهن ۾ مشرقي پاڪستان هو، اهو 71 واري جنگ ۾ عالمي سازش تحت انهيءَ آمريڪي تعاون سان الڳ ٿيو، هن وقت به ان کي اها تڪليف آهي ته انڊيا پاڪستان سان جنگ ڪري ته پاڪستان ڪمزور ٿئي، ۽ وري ٽڪرا ٽڪرا ٿئي ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي هنن جي يا ته ڪم ئي نه اچي، يا ڪيئن به ختم ڪرائجي، سندس ان سازش کي پاڪستاني فوج جنهن طريقي سان منهن ڏيئي ناڪام بنايو، تنهن تي آمريڪي صدر ۽ ادارا مڇرجي پيا، ۽ ”ڊومور، ڊومور“ جو چئي اهو به مهڻو ڏيڻ لڳا ته پاڪستان اسان سان دغا ڪئي آهي، دهشتگرديءَ لاءِ جيتري رقم ورتي، اوترو ڪم نه ڪيو.

هڪ طرف هٿ ڪڍڻ جا دڙڪا ڏيئي رهيو آهي، ۽ ٻئي طرف اسان جي ادارن کي به مختلف ڌمڪين سان ڪمزور ڪري رهيو آهي، قرض آهي ئي مرض، سو اسان جي ملڪ کي جيڪي سياستدان اڏوهيءَ وانگر کائي پورو ڪري چڪا آهن، سي ئي هاڻ وري ملڪ جي دفاعي ادارن ۽ عدليه کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ، ملڪ دشمن ادارن جي فنڊن تي ملڪي غيرت مند ادارن کي بدنام ڪرڻ جا اوزار بنجي ويندا آهن. اسان جي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين جيڪا عملي ترقي آهي، اها به ظاهر ظهور اسان جي پاڪستاني فوج ۽ ان جي ٻين ادارن جي تعاون سان آهي، هنن هيڏو دهشتگرديءَ وارو چيپٽر پورو ڪري ڏيکاريو، ۽ هن وقت ۾ هڪ عالمي شهرت يافته ڪرڪيٽر کي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي پهچائي، ۽ سندس اقتدار کي پاڪ صاف رکڻ، ۽ آمريڪا کي ڇڏي چين جي تعاون سان پنهنجي مستقبل کي داءُ تي لڳائڻ اهو سڀ اسان جي دفاعي ادارن جي ذريعي ئي ممڪن آهي، انهن جي ئي صلاحيتن سان اسان جو دفاع ٿي رهيو آهي، ورنه دشمن ملڪ جي ايجنٽن جو هر اداري ۾ ڪو نه ڪو پگهاردار ان لاءِ موجود رهندو آهي، ته وقت اچڻ تي هو اسان جي ادارن کي بدنام ڪن، ۽ ڪمزور ڪن.“

تڏهن مون چيو ته ”ادا… اها جيڪا صدر واري چونڊ ٿي، ۽ ان ۾ آصف زرداريءَ جنهن حڪمت عمليءَ سان جمهوري ۽ دفاعي ادارن جو ساٿ ڏنو آهي، انهن جي عيوض موجوده حڪومت جو ابتدائي سالن ۾ ته پاور پڪو آهي، باقي ان کان اڳتي جڏهن اڍائي سال پورا ٿيندا، ته پوءِ اصلي تبديلي پسند نئين تبديليءَ جي تياري ڪري وري ڪو جوان ميدان ۾ لاهي، ايندڙ دور جو وزيراعظم تيار ڪندا، هاڻ هن وقت ۾ هن حڪومت کي هڪ هفتو ئي مس ٿيو آهي، ته پوءِ ان جي هينئر ئي کان مختلف ذريعن سان جيڪا ڇيڙخاني ڪري، ان جي ننڍن ننڍن مسئلن کي ميڊيا تي اشو بنائي پيش ڪرڻ ۽ هن جي مدد ڪرڻ بدران ملڪ جي مسئلن کي اهم ڄاڻائي، ان کي حل ڪرڻ جا ذريعا ٻڌائڻ.

ميڊيا جي ذريعي تعاون ڪرڻ، حڪومت جا جيڪي به اصلاحي پروگرام هجن، انهن کي ميڊيا جي ذريعي، عوام جي ذهنن تي پڄائي، عوام کي تبديلي جو حصو بنائي، جدوجهد کي ايڏو تيز ڪري سگهجي ٿو، جيڏو بي خياليءَ ۾ عمران خان چئي ويو هو ته سو ڏينهن ۾ آئون ههڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريندس، جنهن ويچاري ڪالهه صدر چونڊرايو آهي، اڃان وفاقي وزير کڻندو، پوءِ کاتا ورهائبا، پوءِ انهن ۾ به جيڪي وزير جيڪا صلاحيت رکندا هوندا، ان آهر ڪم ڪندا ته به ٻارنهن مهينا ته لڳي ويندا، عمران خان وٽ اهو علا الدين جو چراغ بظاهر ته ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي، جنهن سان هو ان اسپيڊ ۾ ايترا سارا پاڪستان جا مسئلا ۽ پنهنجا وڏا واعدا 100 ڏينهن ۾ پورا ڪري سگهي، اهو ته صرف انڊيا جي فلم “نائيڪ” ۾ انيل ڪپور هڪڙي ڏينهن جي وزيراعليٰ واري سيٽ ماڻڻ تي سڀني ڪرپٽ آفيسرن کي جيل هڻي واندو ٿي ويهي رهيو.

هن وقت ۾ سنڌ حڪومت ۽ زرداري صاحب جيڪو هاڻ سنڌين جي وجود ۽ مستقبل کي بچائڻ لاءِ آخري مسيحا آهي، جيڪو پنهنجي گناهن جي عيوض هٿن مان هليو ويو، ته پوءِ بلاول ويچارو ٻچڙو مڪمل انهن جي سهاري، انهن جي هٿ اچي ويندو، جيڪي کيس جنهن روٽ تي کڻي ويندا، يقينن اهو عوامي روٽ نه هوندو، ۽ هن کي ٻين وانگر ڪاروباري سياستدان بنائڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي، پر جيڪڏهن اهو اڪيلو سنڌي ڀلي آصف زرداري جو پٽ هجي، پر بينظير جو به پٽ ته آهي نه، سو جيڪڏهن ماءُ مظلوم شهيد راڻي جي شهادت عيوض الله سائين ساڳيو رتبو، سندس پٽ کي هڪ دفعو ڏياري ته اهو ممڪن آهي ته عنقريب کيس هرو ڀرو بقول سوشل ميڊيا جي ته سندس والد آصف زرداري سان اختلاف ڪرائي، هن کي جدا ڪيو وڃي.

آصف زرداري اڪيلي سر انهن سوچن ۽ حالتن کي منهن ڏيئي، مڙس ماڻهو سنڌي جي سڃاڻپ ڏيئي رهيو آهي، جڏهن ته عمران کي بار بار سمجهائڻ لاءِ چيف آف اسٽاف کي وزيراعظم هائوس اچڻو ٿو پوي، گذريل هفتي چيف آف اسٽاف ٽي دفعا اچي چڪو آهي، معنيٰ عمران خان جي سڀني پريشانين کي حل ڪرڻ ۾ وڏو مددگار آهي، ان ڪري ته زرداري ۾ ۽ هنن نون سياست جي کلاڙين ۾ اهو فرق آهي جنهن جي لاءِ اسين زرداري صاحب کي داد ڏيندي اهو چونداسون ته هن سموري ويڙهاند ۾ ٻين سڀني هارايو، صرف آصف زرداري کٽيو آهي، اهو قصو جي هن هفتي ۾ سمجهه ۾ نه آيو ته پوءِ ايندڙ هفتي چٽو ڪنداسون.“

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے