20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جو دفاع ناقابل شڪست آهي: ايئر فورس جو سربراهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايئر چيف مارشل مجاهد انور چيو آهي ته پاڪ فوج اسان جي غيور عوام جي قرباني ۽ اتحاد جي علامت آهن ۽ سمورن جانبازن جي بهادري ۽ دليري کي سلام پيش ڪيون ٿا.  پاڪستان ايئر فورس جي نور خان ايئر بيس تي خاص تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ پاڪستان ايئر فورس بچاءَ واري ڏهاڙي کي شهيدن جي ڏينهن طور ملهايو. پاڪستان ايئر فورس طرفان بچاءَ واري ڏهاڙي جي حوالي سان نمائش لڳائي وئي جنهن ۾ جديد ريڊار سسٽم ۽ هٿيار به نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا.  خاص تقريب ۾ ايئر چيف مجاهد انور جو پيغام به پڙهي ٻڌايو ويو. ايئر چيف مجاهد انور چيو ته پاڪ فوج اسان جي غيور عوام جي قرباني ۽ اتحاد جي علامت آهن، ٻين دفاعي ادرن جي هم آهنگ ايئر فورس دشمن کي شڪست ڏني، سمورن جانبازن جي بهادري ۽ دليري کي سلام پيش ڪيون ٿا.  ايئر چيف چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، پيشور صلاحيتون ڪاميابي جي ضامن هونديون آهن، الله جي حوصلي ۽ توفيق سان دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪيو ۽ جڏهن ته پاڪستان جو دفاع نه فتح ٿيڻ جوڳو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے