21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: مومل جي ماڙي : پورهيت جو پوليس ۽ بااثر جي ناانصافين خلاف احتجاج

Moomal ji Maari: Protest against police and injustice*مومل جي ماڙي ۾   پوليس ۽ بااثرن جي ظلم جي ستايل ڪٽنب پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي انصاف جي گهر ڪئي.

گهوٽڪي جي  ڳوٺ گجڻ اوڳاهي جي نوجوان محمد نواز اوڳاهي ٻڌايو ته بااثرن عيد واري ڏهاڙي گهر تي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

 هن ٻڌايو ته بااثرن  سندس امڙ  ۽ ڀيڻ نور خاتون ، فاطمه  ۽ ڀائرن عرفان ، علي نواز ۽ ٻين تي وحشياڻو تشدد ڪيو .

متاثر محمد نواز اوڳاهي ٻڌايو ته هو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويو ته پوليس کانئس مبينا طور رشوت طلب ڪئي جيڪا نه ڏيڻ تي کيس ٿاڻي مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

هنن ڊي َآءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان  مطالبو  ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے