23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |کوسڪي: واپارين پاران دڪاندار جي گرفتاري خلاف شٽر بند هڙتال

کوسڪي ۾ شهرين ۽ دڪاندارن پاران دڪاندار جي گرفتاري خلافد شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

واپاري الطاف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين ۽ دڪاندارن دڪاندار رياض سولنگي کي گرفتار ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي.

شهرين الزام هنيو ته نندو پوليس دڪان تي ڇاپو هڻي، بنا جواز دڪاندار رياض کي گرفتار ڪيو، دڪان مان منشيات به هٿ نه آئي، پر پوليس زيادتي ڪري دڪاندار کي گرفتار ڪيو.

هنن چيو ته بي گناهه شهرين ۽ دڪاندارن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

ٻي پاسي ايس ايڇ او ثابت علي مظاهرين سان ڳالهايون ڪيون، جنهن بعد گرفتار دڪاندار کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad, AwamiTahreek

نيوز | حيدرآباد: عوامي رابطا تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾  عوامي رابطا تحريڪ حيدرآباد پاران ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياءِ تي سمورن ڊيمن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے