19 اربع , سيپٽمبر 2018

رپورٽ| ڀلوڙ شاعر حسن درس جي اڄ 52 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

شاعرن هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي، اهڙي ئي هڪ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جي اڄ 52 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

حسن درس جو جنم 5 سيپٽمبر 1966ع تي  ٽنڊوالهيار تعلقي جي ڳوٺ مشائخ هوتيءَ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد حسن  ولد غلام رسول هو.

هن پنهنجي پرائمري تعليم مشائخ هوتي ۽ باقي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي ۽ هن شاعري ۾اهڙا ته رنگ ڀريا جو هو سنڌي شاعري جو هڪ وڏو نالو بڻجي ويو.

حسن درس ٻوليءَ جي محافظيءَ جو ڪردار ادا ڪيو، هن سونهن کي جديد  عينڪ کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، هن ادب جي ميدان ۾ وڏن ۽ ننڍن واري روايت ٽوڙي اهليت جو علم اوچو ڪيو.

حسن درس جي شاعري ۾“نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي” ۽  “ لهر ٿي جاڳي ڪري ٻي لهر ۾، ڇو سمندر ڇو ڀلا سمهين نٿو” سميت ڪيتريون شاهڪار سٽون شامل آهن.

حسن بظاهر ته جماليات جو شاعر سمجهيو وڃي ٿو پر حسن پنهنجي شاعريءَ م سموريءَ انسان ذات کي پنهنجو دوست مڃندي ۽ ڪائنات سرحدن جي ليڪن کي لتاڙي انُ کي پنهنجو گهر سمجهيو آهي.

هن وطن سان محبت جو سنيهو ڏنو، فطرت ۽ ادب اندر هڪ تعلق جوڙيو جنهن ڪري اڄ سماج اندر جهجو تعداد سنڌ جي شاعرن منجهان حسن درس کي مختلف، منفرد ۽ نرالو شاعر سمجهندي الڳ مقام ۽ مان ڏين ٿا.

حسن درس 16 جون 2011 ع تي روڊ حادثي ۾پرستارن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

حسن درس اڄ اڪثر صحافتي ادارن ۽ اديبن جي تنظيمن کان ته شايد وسري ويو آهي پر هُن جون تحريرون ۽ ساروڻيون لکين چاهيندڙن جي دل ۾ هميشه زندهه رهنديون…..

رپورٽ : صدام ساگر

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے