22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪورنگي: صوبائي وزير سعيد غني جي مانُ ۾ آجياڻو

ڪورنگي ۾ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ انڊسٽريز پاران صوبائي وزير سعيد غني کي آجياڻو ڏنو ويو.

آجياڻي واري تقريب ۾ ڪاٽي جي  عھديدارن صدر طارق ملڪ ، سينٽر حسيب خان ، ايس ايم منير ، مسعود نقوي ، سي پي ايل سي چيئرمن زبير احمد شايا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ ڪورنگي ڪاٽي جي صدر جي طارق ملڪ سعيد غني کي شيلڊ ۽ گلن جو گلدستو پيش ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته سڄي سنڌ جا دورا ڪري بنيادي ڪم ڪار اُڪلايا ويندا، ۽ سڄي سنڌ کي گندگي کان  پاڪ ۽ صاف بڻايو ويندو.

تقريب کي خطاب ڪندي طارق ملڪ چيو ته  ڪورنگي انڊسٽريل ايريا  ۾ ڪيترا ئي بنيادي مسئلا آھن،روزانو فيڪٽري لائن ايريا جي روڊ رستن تي گٽرن جو پاڻي اٿلڻ معمول بڻجي ويو آھي.

هن چيو ته هو سنڌ جي صوبائي وزير کي  گذارش ڪن ٿا ته مل ايريا جي ڀرپاسي روڊن ۽ رستن تي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺي حل ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Garhi Khario: Flooding in the Ninth Pool, Ninger's Body Arrival at Home

ڳڙهي خيرو: پير ترڪڻ سبب نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

ڳڙهي خيرو ويجهو راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے