19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |خيرپور: زخمي نوجوان پاران حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

خيرپور ۾ زخمي نوجوان پاران حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ الهه آباد واسي زخمي نوجوان مهدي رضا  دانهيو ته ٻه هفتا اڳ سگريٽن جي مارڪيٽنگ دوران سندس سالي امداد عباسي ٻن ساٿين سان گڏجي فائرنگ ۾ کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

هن چيو ته فائرنگ ۾سندس ڄنگهون ضايع ٿي ويون آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهي، پر پوليس کين گرفتار نٿي ڪري، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته سگريٽن جي هو مارڪيٽنگ ڪري گهر جو گذر سفر ڪندو هو، حملي ۾ ٻئي ڄنگهون ضايع ٿيڻ سان سندس ٻار ٻچا بک ڪاٽي رهيا آهن.

زخمي ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي سزا ڏئي ساڻس انصاف ڪن، نه ته هو ايس ايس پي آفيس آڏو باهه ڏئي پاڻ ساڙيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے