24 سومر , سيپٽمبر 2018

قوم جو مسئلو گاڏيون نيلام ڪرڻ سان حل نه ٿيندو: مولا بخش چانڊيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ابتدائي 20 ڏينهن جي ڪارڪردگي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته قوم جو مسئلو گاڏيون نيلام ڪرڻ سان حل ٿيندو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ هڪ اهڙي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪئي جڏهن آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو اسلام آباد دوري تي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪري رهيو هو. پ پ اڳواڻ چيو ته سو ڏينهن مان 20 ڏينهن گذري ويا، باقي 80 ڏينهن به ائين ئي گذري ويندا، دهشتگردي، بک ۽ افلاس جي لاءِ توهان ڇا ڪيو اِهو ٻڌايو، قوم جي بنيادي مسئلن جو حل ٻڌايو. مولا بخش چانڊئي جو چوڻ هو ته سٺو حڪمران پهرين ئي ڏينهن تبديلي ڏيکاريندو آهي. چيو ته اسان کي ڳالهيون نه ڪم گهرجي. وزير اعظم هائوس ۾ ڪيتريون گاڏيون ۽ ڪيترا ملازمن آهن اِهو قوم جو مسئلو ناهي، توهان دهشتگردي جي حمايت ڪندا رهيا آهن، توهان به اشتهاري مهم هلائي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ٺهراءُ جمع  

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر طرفان سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم  خلاف ۽ ڀاشا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے