22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڀٽ شاهه: ڀٽائي سوڌو ٻين بزرگن جا ڪلام سيکارڻ لاءِ ميوزڪ اسڪول جو افتتاح

ڀٽ شاهه ۾ تقريب ڪوٺائي شاهه لطيف سميت ٻين بزرگن جي صوفياڻي ڪلام جي سکيا لاءِ ميوزڪ اسڪول جو افتتاح ڪيو ويو.

شاهه لطيف فائونڊيشن پاران ڪوٺايل افتتاحي تقريب ۾ درگاهه شاھ لطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاھ ، لنڊن  جي ڊاڪٽر بين ، سيٽ وپين سائر پيٽر  ۽ طاهرا آرائين سميت ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سائر پيٽر، سيد وقار شاهه ۽ ٻين چيو ته  انتھاپسندي ۽ دھشتگردي کي روڪڻ ۽ امن محبت پيار ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ لاءِ ۽ نئين نسل جي سکيا لاءِ صوفي ميوزڪ اسڪول جو بنياد رکيو ويو آهي.

هنن چيو ته ميوزڪ اسڪول ۾ لنڊن ۽ پاڪستان جي صوفياڻي ڪلام جا ماھر ، ميوزڪ ۽ ڪلاسيڪي ڳائڻ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ماھر سکيا ڏيندا.

سندن چوڻ هو ته دنيا ۾ڀٽائي جي ڪلام کي سيکارڻ لاءِ هي پھريون ميوزڪ اسڪول آھي.

هنن چيو ته هنن شاھ لطيف ، سچل سرمست، بُلي شاھ  ۽ گورنانڪ سوڌو ٻين بزگن جو صوفياڻي ڪلام سکڻ لاءِ  اسڪول جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShudaEIslamConference, KHuhra

نيوز | کهڙا ۾ جي يو آءِ پاران شهداءِ اسلام ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

ديني درسگاهه حماديه مدرسي جي ڪوثر مسجد ۾ ڪوٺايل سالياني شهداءِ  اسلام ڪانفرنس مولانا عبدالمجيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے