21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سنڌ ڪابينا ۾ چئن وزيرن جو اضافو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ چئن وزيرن کي شامل ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ ڪابينا جو انگ 12 ٿي ويو آهي. نون وزيرن جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جتي عمران اسماعيل چئني وزيرن کان حلف ورتو. حلف کڻندڙ وزيرن ۾ مڪيش ڪمار چاولا، امتياز شيخ، سيد ناصر شاهه ۽ فراز احمد ڏيرو شامل آهن. ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مخصوص سيٽ تي اسيمبلي ميمبر چونڊيل مڪيش ڪمار چاولا کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن وزارت ڏني وئي آهي، جڏهن ته روهڙي مان چونڊيل سيد ناصر شاهه پڻ گذريل حڪومت ۾ سڌ سماءَ بابت وزير هو. شڪارپور مان چونڊيل ايم پي اي امتياز شيخ اڳ به ڪيترين ئي حڪومتن ۾ وزير رهي چڪو آهي ۽ ٽنڊي ڄام مان چونڊيل فراز ڏيرو پهريون ڀيرو صوبائي ڪابينا ۾ شامل ٿيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے