25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پومپيو سان 300 ملين ڊالر روڪڻ تي ڳالهيون نه ٿيون: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي وفد جي آمد بعد لاڳاپن ۾ نئين دور جو آغاز قرار ڏيندي چيو ته  پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو سان اسان 300 ملين ڊالر جي امداد روڪڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو ۽ جنرل جوزف ڊنفرڊ سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود چيو ته اسان واضح ڪيو آهي ته هڪ ٻئي جي خدشن کي ٻڌي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 300 ملين ڊالر روڪيا ويا اِهو فيصلو به پراڻو آهي ۽ خبر به پراڻي آهي ۽ اِهو پراڻي حڪومت جو هو ان حڪومت جي اچڻ کان پهرين ۽ ان وٽ جيڪي پيسا پيل هئا انهن کي استعمال ڪرڻ جو موقعو هو پر تاثر ڏنو ويو ته روڪيا ويا جيڪو غلط هو. هن چيو ته اسان سوچيو ته ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ گهرجي يا نه ۽ پوءِ اسان چيو ته نه ڪنداسين ڇو ته اسان وٽ پنهنجي روزي ڪمائڻ جي گنجائش موجود آهي ان ڪري ڪنهن قسم جي پيسن تي ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. هن چيو ته عمران خان ورهين کان چئي رهيو آهي ته ڪو به ملٽري سلوشن ناهي ان ڪري سياسي حل ڏانهن وڃڻو پوندو ۽ اِها سياسي تبديلي آئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سياسي ڳالهيون ٿينديون ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ سان جي اڳواڻي ڪندو ۽ ڳالهيون به ٿين ۽ ان مان اِهو اشارو مليو ته هو ذهني طور تي ان تجويز لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اِها معنيٰ جوڳي ڳالهه آهي ته هو افغانستان ۾ ڊگهي عرصي تائين رهڻ نٿو چاهي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته مون هن کي سڌن لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن تعلق کي اڳتي وڌائڻو آهي ته اِهو سچائي جي بنياد تي هئڻ گهرجي جيڪو توهان چوندا آئون ٻڌندس ۽ جيڪو مان چوندس توهان کي ٻڌڻو پوندو جڏهن ته اسان جا خدشا نه ٻڌا ويا ته اڳڀرائي نه ٿيندي. ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته اسان انهن خواهشن کي به سمجهيو ۽ پنهنجون اميدون ۽ خدشا به سٺي انداز پيش ڪيا. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سيڪريٽري پومپيو کي واضح اشارو ڪيو ته انهن کي ڏسڻو ته اِها جيڪا نئين چونڊجي آئي آهي ان جو موقف ڇا آهي ۽ ماڻهن کي انهن مان ڪهڙيون اميدون آهن ان کي سمجهڻو پوندو. افغانستان جي حوالي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي سندس چوڻ هو ته اسان چيو آهي ته اسان جي پاڙي ۾ ملڪ آهن انهن سان هڪ مثبت جو ارادو رکون ٿا، تحريڪ انصاف حڪومت جي سڌارن جي ايجنڊا آهي جنهن جو بنياد عوام جي بهتري آهي، هڪ عام پاڪستاني شهري جي بهتري آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد امن، مضبوطي ۽ خطي سان جڙڻ آهي ۽ اِها اسان جي ايجنڊا آهي ته اسان جو پرڏيهي وزير پاليسي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ انهيءَ کي ماڊل اختيار ڪرڻو پوندو ان ڪير اسان هڪ نئين سوچ جي تحت اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته ان جي روشني ۾ فيصلو ڪيو آهي ته منهنجو پهريون دورو افغانستان جو هوندو، پاڙيسري ملڪ طور اسنا هڪ ٻئي جو سهارو به آهيون ۽ ضرورت به آهيون ڇو ته اسان کي روايت، مذهب ۽  ثقافت جوڙي رکيو آهي، افغانستان ۾ امن ايندو ته اسان کي به فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو ته افغانستان کي فائدو ٿيندو انهيءَ اپروچ تحت افغانستان وڃڻ جو ارادو آهي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اڄ وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو فارميٽ اهڙي ريت ترتيب ڏنو هو ته جڏهن مائيڪ پومپيو سان ملاقات ٿي رهي هئي ته وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس پي آر نويد مختيار ۽ جنرل جوزف سان گڏجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان جي پٺيان هڪ سوچ هئي. هن چيو ته ماضي ۾ عام تاثر هو ته هو آيو مليو ۽ جي ايڇ ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاثر ڏنو ته سويلين ڪجهه چون ٿا، ملٽري ڪجهه چئي ٿي پر اڄوڪي ملاقات مان اِهو پيغام ويو ته اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون ۽ پاڪستان جو مفاد سڀني کي عزيز آهي ۽ ان کي ئي اڳتي کڻي وينداسين. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته مون هن سان جتي اِها خواهش ڪئي افغانستان ۾ جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته پاڪستان جي به مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. سندس چوڻ هو ته اسان واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي اولهه سرحد ڏانهن ڌيان ڏيڻو آهي ته اسان کي اوڀر سرحد ۾ مددگار گهربل آهي ڇو ته ڪنٽرول لائن (ايل او سي) ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي ۽ ضروري آهي ته ان ڏانهن به ڏسون ۽ ڪير ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اڄوڪي جي ويهڪ هڪ ٻئي جي نظريي کي سمجهڻ لاءِ هڪ سير حاصل ويهڪ هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے