23 آچر , سيپٽمبر 2018

”جواني ڦر نهين آني 2“ هلندڙ سال جي ڪامياب ترين فلم بڻجي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) عيدالاضحيٰ تي رليز ٿيندڙ فلم ”جواني ڦر نهين آني 2“ هلندڙ سال جي ڪامياب ترين فلم بڻجي وئي. همايون سعيد، فهد مصطفيٰ، ماورا حسين ۽ ڪبريٰ خان جي فلم ”جواني ڦر نهين آني 2“ جو باڪس آفيس تي رڪارڊ ٽوڙ بزنس جاري آهي ۽ فلم رليز جي ٻن هفتن ۾ لڳ ڀڳ 31 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري 2018ع جي ڪامياب ترين فلم بڻجي وئي آهي. پاڪستان ۾ رليز ٿيندڙ ٻين فلمن جو جائزو ورتو وڃي ته ”جواني ڦر نهين آني 2“ کان اڳ علي ظفر جي فلم ”طيفا ان ٽربل“ باڪس آفيس تي راڄ ڪري رهي هئي. علي ظفر جي فلم 7 هفتن ۾ 31 ڪروڙ 64 لک رپين جو بزنس ڪيو آهي، جڏهن ته جواني ڦر نهين آني 2 ان فلم جو رڪارڊ رڳو ٻن هفتن ۾ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ميگا ڪاسٽ تي ٻڌل فلم جواني ڦر نهين آني 2 پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ رليز ٿيندڙ ڀارتي فلمن ”سنجو ۽ سلطان“ کان به اڳتي نڪري وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے