21 جمعو , سيپٽمبر 2018

دپيڪا پڊڪون هڪ ڀيرو ٻيهر ون ڊيزل سان گڏ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا دپيڪا پڊڪون هڪ ڀيرو ٻيهر هالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندي. دپيڪا پڊڪون بالي ووڊ ۾ ڪاميابي کانپوءِ هالي ووڊ ۾ به قسمت آزمائي چڪي آهي ۽ 2017ع ۾ هالي ووڊ ڊيبيو ڪيو هو. اداڪارا هالي ووڊ جي مشهور اداڪار ون ڊيزل سان گڏ فلم ”ايڪس ايڪس ايڪس: ريٽرن آف زينڊر ڪيچ“ ۾ مک ڪردار نڀايو هو، جڏهن ته هاڻ کيس ان سيريز جي هڪ ٻي فلم ملي وئي آهي. دپيڪا ٽرپل ايڪس سيريز جي چوٿين سيڪوئل ۾ به ون ڊيزل سان گڏ فن جو مظاهرو ڪندي، جنهن جي تصديق فلم جي ڊائريڪٽر به ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي هڪ پاڪستاني واهپيدار طارق هالي ووڊ هدايتڪار جي ڪروسو کان اداڪارا دپيڪا پڊڪون کي فلم جي چوٿين سيڪوئل ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان سوال ڪيو ته هدايت ڪار بالي ووڊ اداڪارا جي شموليت جي تصديق ڪئي. فلم جي هدايتڪار جو چوڻ هو ته اسڪرپٽ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ جلد شوٽنگ جو شيڊيول به جاري ڪيو ويندو. واضح رهي ته دپيڪا پڊڪون اڄڪلهه پنهنجي شادي جي تيارين ۾ مصروف آهي، جيڪا هلندڙ سال جي آخر ۾ بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے