26 اربع , سيپٽمبر 2018

العزيزيا ريفرنس: نواز شريف جي سڀاڻي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ عدالت نواز شريف جي سڀاڻي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي ۽ خواجا حارث جي اعتراض تي 30 آگسٽ جي ٻڌڻي دوران قلمبند ڪيل نيب جو آخري پيرا ختم ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ ڪئي. ان موقعي تي نواز شريف کي سخت سيڪيورٽي ۾ احتساب عدالت پهچايو ويو. ٻڌڻي جي شروعات ۾ خواجا حارث جي اعتراض تي پراسيڪيوٽر سردار مظفر علي عباسي جواب رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته خواجا حارث اعتراض جي نالي تي ٻڌڻي جي سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي، پنهنجي ئي ڪهاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ٻڌائي وئي. احتساب عدالت نيب پراسيڪيورٽر جي دليلن ۾ 30 آگسٽ جي ڪارروائي بابت وڪيل جو اعتراض گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو ۽ پڇاڻو ڪيو ته سوال پڇيو ويو هو ڇا حسين نواز ايلڊر آڊٽ بيورو رپورٽ ڏني ته واجد ضياءَ جواب ۾ چيو ايلڊر آڊٽ بيورو رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏني، وڪيل جي ردعمل سان عدالتي ڪارروائي متاثر ٿي. سردار مظفر چيو ته سپريم ڪورٽ 6 هفتن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، جنهن تي جج چيو ڇا هاءِ ڪورٽ مان توهان جي درخواست تي مختصر حڪم نامي جي ڪاپي اچي وئي. نيب پراسيڪيوٽر هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي جي ڪاپي عدالت م پيش ڪئي ۽ چيو ته هاءِ ڪورٽ خواجا حارث جا اعتراض رد ڪري چڪي آهي. خواجا حارث چيو مان پنهنجو جواب سان جواب ڏيڻ چاهيان ٿو، هاءِ ڪورٽ ۾ اسان جا اعتراض رد ٿيا، اها غلط ڳالهه آهي اسان جا ڪي اعتراض رد ناهن ٿيا. جج ارشد ملڪ چيو هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي جي ڪاپي اسان جي سامهون اچي چڪي آهي، جنهن تي خواجا حارث چيو ٻه ڌريون موجود آهن، اسان جي ڳالهه به لکندا ڪيو ته جج چيو ڳالهه ٻڌو! ڪالهه توهان اعتراض لکرائي ڇڏيو هو، ڇا توهان جي لکرائڻ دوران ڪنهن اعتراض واريو؟ ٻڌڻي دوران نواز شريف جي سڀاڻي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي. احتساب عدالت ۾ واجد ضياءَ ٻڌايو ته واليم 6 جي صفحي 178 کان 181 تي سورس دستاويز آهن، خواجا حارث سوال ڪيو واليم 6 جي صفحي 4 تي سورس دستاويزن جي فهرست ڏني آهي؟ جنهن تي واجد ضياءَ جواب ۾ چيو ته ها صفحي 4 تي دستاويزن جي فهرست موجود آهي. واجد ضياءَ چيو سيريل نمبر 10 تي رپورٽ جو نالو به فهرست ۾ موجود آهي، مان پنهنجي بيان ۾ عدالتي رڪارڊ تي رکيو آهي، ايلڊر رپورٽ جو نالو غلطي سان سورس دستاويزن ۾ شامل ٿيو، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به ان غلطي جي نشاندهي ڪئي. وڪيل خواجا حارث جو چوڻ هو ته واليم 6 جي تياري وقت ڪنهن غلطي جي نشاندهي نه ڪئي؟ جنهن تي واجد ضياءَ چيو ان وقت ڪو نشاندهي ڪري ها ته اسان صحيح ڪري ڇڏي هجي ها، واليم 6 جي تياري جي وقت ڪنهن ان غلطي جي نشاندهي نه ڪئي، واليم 6 جي صفحي 6 تي حسين نواز جا پيش دستاويز ڏنا ويا آهن، حسين نواز جي نواز شريف کي تحفي ۾ موڪليل رقم جا تفصيل موجود آهن. خواجا حارث، واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ۾ چيو مان توهان کان اهو ئي ڇڏندس جيڪو جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ توهان لکيو آهي. واجد ضياءَ عدالت کي ٻڌايو ته 6 مئي 2017ع ۾ جي آءِ ٽي پنهنجو  ڪم شروع ڪيو، پهرين ٻن هفتن ۾ جي آءِ ٽي ۾ ايلڊر آڊٽ رپورٽ بحث هيٺ آندي وئي ۽ 30 مئي تي حسين نواز جي پهرين پيشي هئي، حسين نواز جي آءِ ٽي ۾ پهرين پيشي کان اڳ ايلڊر آڊٽ رپورٽ جو جائزو وٺي چڪو آهي. واجد ضياءَ، خواجا حارث کي مخاطب ڪندي چيو توهان 5 سيشنز جو گڏ پڇي ڇڏيو، ڇو ته جواب هڪ ئي ايندو، جنهن تي خواجا حارث جواب ڏنو اسان اڳ هڪ سيشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. عدالت خواجا حارث جي اعتراض تي 30 آگسٽ تي ٻڌڻي دوران قلمبند نيب جو آخري پيرا ختم ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خواجا حارث جي آءِ ٽي پاناما جي سربراهه واجد ضياءَ جي بيان تي سڀاڻي جي آڏي پڇا جاري رکندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلامي نظرياتي ڪونسل هڪ ئي وقت ٽن طلاقن کي سزا جوڳو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪونسل هڪ ئي وقت ٽن طلاقن کي سزا جوڳو قرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے